سجاول ضلعي جا سڀ بااثر شامل هجڻ سبب پيپلز پارٽي جي پوزيشن مضبوط

0
110

سجاول (رپورٽ: رياض ميمڻ) سجاول ضلعي جي سياسي ماحول ۾ ماٺار، پيپلز پارٽي کي مضبوط سياسي حريف نه ملڻ ۽ ضلعي جون سموريون طاقتور سياسي ڌريون پيپلز پارٽي ۾ شامل ھجڻ ڪري ضلعي جي ھڪ قومي ۽ ٻن صوبائي تڪن تي پيپلز پارٽي جي سوڀ يقيني بڻيل آھي

سجاول ضلعي ۾ ھميشه پيپلز پارٽي کي ٽف ٽائيم ڏيندڙ مضبوط سياسي حريف سياسي خاندان شيرازي برادران جو گذريل چونڊن کان وٺي ھن وقت تائين پيپلز پارٽي ۾ شامل ھجڻ ڪري عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي سوڀ يقيني بڻيل آھي

جيتوڻيڪ ضلعي سجاول ۾ پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل سياسي ڌرين شيرازي برادران، محمد علي ملڪاڻي، غلام قادر ملڪاڻي، لغاري برادري جي ريحانا لغاري ۽ پروين جمال لغاري، ارباب وزير احمد، ارباب رميز الدين ميمڻ، ھير سوھو ۽ انھن جي حامين پاران ضلعي جي واحد قومي تڪ اين اي 224 ۽ ٻن صوبائي تڪن پي ايس 73 ۽ 74 تي ھڪ ٻئي جي مقابلي ۾ نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا آھن

پيپلز پارٽي ۾ موجود باقي سمورن پ پ پ سان لاڳاپيل خاندانن پاران پارٽي سان مقابلو نه ڪرڻ جي متوقع امڪان سبب پورو ضلعو پ پ پ پاران عام چونڊن ۾ سوڀ ماڻڻ چونڊن کان اڳ ۾ ئي ظاھر نظر اچي رھيو آھي. ٻئي طرف ضلعي سجاول ۾ ٻئي نمبر تي جمعيت علماءِ اسلام جي اميدوارن پاران پڻ ضلعي جي ٽنھي تڪن تي نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا آھن

جڏھن ته ن ليگ جي اڳواڻ لال بخش جتوئي طرفان اين اي 224 ۽ پي ايس 74 تي نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا آھن ۽ ن ليگ جي ھڪ ٻئي اڳواڻ غلام رسول انڙ پاران پڻ پي ايس 74 تي نامزدگي فارم جمع ڪرايو آھي، ان کان علاوه پي ٽي آءِ جي سيد ممتاز علي شاھ بخاري پاران اين اي 224 تي فارم جمع ڪرايو ويو آھي پي ٽي آئي جي ديدار علي پٺاڻ به پي ايس 73 تي نامزدگي فارم جمع ڪرايو آھي. جڏھن ته قومي تڪ ۽ پي ايس 74 تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي غلام سرور کٽي پاران نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا آھن

ان کان علاوه ايس ٽي پي جي محمد جمن سنڌي پاران پي ايس 73 تي نامزدگي فارم جمع ڪرايو ويو آھي. پر پيپلز پارٽي جي مقابلي ۾ نامزدگي فارم جمع ڪرائيندڙ جي يو آءِ سميت ٻين پارٽين جو پنھنجن علائقن ۾ مخصوص ووٽ بئنڪ ھئڻ سبب سندن کٽڻ مشڪل بڻيل آھي ته ٻئي پاسي ضلعي جي سمورين وڏين برادرين ۽ سياسي اثر رسوخ رکندڙ خاندانن جو پيپلز پارٽي ۾ شامل ھجڻ ۽ پيپلزپارٽي جي اعلیٰ قيادت پاران ھرھڪ سياسي خاندان کي سندن قد ڪاٺ مطابق صوبائي اسيمبليءَ جي مخصوص سيٽن توڙي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل، ٽائون ڪميٽين، يونين ڪائونسلن جي چيئرمينن جون سيٽون ڏئي راضي رکڻ ڪري ڪنھن ھڪ پاران به پيپلز پارٽي سان بغاوت ڪري آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙھڻ جو به پري پري تائين ڪوبه امڪان نه آھي

هي به پڙهندا

شڪارپور ۾ پ پ ۾ڀڃ ڊاهه، ڀيا ڀائر نظرانداز، تازو شامل ٿيندڙ مهرن کي وڌيڪ لفٽ