شڪارپور ۾ پ پ ۾ڀڃ ڊاهه، ڀيا ڀائر نظرانداز، تازو شامل ٿيندڙ مهرن کي وڌيڪ لفٽ

0
150
شڪارپور ۾ پ پ ۾ڀڃ ڊاهه، ڀيا ڀائر نظرانداز، تازو شامل ٿيندڙ مهرن کي وڌيڪ لفٽ
شڪارپور ۾ پ پ ۾ڀڃ ڊاهه، ڀيا ڀائر نظرانداز، تازو شامل ٿيندڙ مهرن کي وڌيڪ لفٽ

شڪارپور (رپورٽ: وحيد بروھي) پيپلزپارٽي قيادت شڪارپور ضلعي جي تقريبن پراڻن اڳواڻن کي نظرانداز ٿيڻ لڳا ۽ نوان شامل ٿيل اڳواڻن مٿان پارٽي مھربان، ذريعن موجب ھن ڀيري پ پ اندر وڏي ڀڃ ڊاھ ڪئي پئي وڃي

ان سلسلي ۾ 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊون بابت پيپلزپارٽي قيادت طرفان پارٽي ڀيا ڀائرن اڳوڻو ايم پي اي بابل ڀيو ۽ اڳوڻو وفاقي وزير عابد حسين ڀيو کي نظرانداز ڪري کين ٽڪيٽ ڏيڻ کان نو سگنل جاري ڪري ڇڏيو آهي

جڏهن ته ڀيو ڀائرن جي ڪوششن سان تازو پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيل غوث بخش مھر کي لکي غلام شاهه/ڳڙھي ياسين واري قومي تڪ 193 ۽ لکي واري صوبائي تڪ پي ايس 8 تي ٽڪيٽ جاري ڪرڻ جو اشارو ملي ويو آهي، ھوڏانھن ڳڙھي ياسين واري صوبائي تڪ پي ايس 9 تان ذوالفقار علي ڪماريو کي ضلعي چيئرمين شپ ڏيڻ بعد آغا سراج دراني کي ٽڪيٽ ڏيڻ لاء رستو صاف ڪيو ويو آهي

ٻئي طرف شڪارپور واري صوبائي تڪ پي ايس 7 تي به امتياز احمد شيخ پيپلزپارٽي طرفان اڪيلو اميدوار نظر اچي رھيو آهي، جڏھن ته شڪارپور/ڪشمور واري گڏيل قومي تڪ 192 تي پيپلزپارٽي طرفان شبير علي بجاراڻي کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو سگنل ملي ويو آهي، اھڙي صورتحال بعد ڀيا ڀائر ھن ڀيري پ پ طرفان مڪمل طور نظرانداز ھجڻ سبب سخت مايوسي جو شڪار بڻجي ويا آهن ۽ ذريعن پاران ٽڪيٽ نه ملڻ جي صورت ۾ ڀيا ڀائر پارٽي کان بغاوت ڪري لکي/ڳڙھي ياسين واري قومي تڪ تي آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙھندا جتي عابد حسين ڀيو جو فارم به بحال ٿي ويو آهي

ھوڏانھن سيٽون گھٽ ۽ اميدوار وڌيڪ ھجڻ سبب پيپلزپارٽي قيادت اڃان تائين شڪارپور ضلعي جي اميدوارن جو حتمي فيصلو ڪري ناهي سگهي، بابل ڀيو جي بغاوت ۽ جتوئي ڀائرن طرفان جي يو آء جي ٽڪيٽن تي چونڊ وڙهڻ سبب ھن ڀيري شڪارپور ضلعي اندر وڏو سياسي مانڌاڻ مچندو ۽ پيپلزپارٽي لاء اليڪشن کٽڻ آسان نه ھوندي

ياد رھي ته پيپلزپارٽي قيادت طرفان خانداني طور پارٽي سان رھندڙ آغا تيمور پٺاڻ کي گذريل عام چونڊون ۾ نظرانداز ڪرڻ سبب ھو پارٽي ڇڏي ويو ھو ۽ ھن اليڪشن ۾ به ساڳيو طريقو استعمال ڪري ڀيا ڀائرن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي پر ڏسجي ته ڀيا ڀائر پارٽي ۾ رھن ٿا يا ڌار ٿا ٿين اھو چوڻ وقت کان اڳ ھوندو

ٻئي طرف اڳوڻي ايم اين اي عابد حسين ڀيو، آغا سراج دراني، ڊاڪٽر ابراھيم جتوئي، عابد حسين جتوئي، شبير علي بجاراڻي، امتياز احمد شيخ، آغا تيمور پٺاڻ، شھريار مھر، اظهر حسين ڪماريو، عارف مھر، مولانا عبد الله مھر، سيد رشد الله امروٽي ۽ ٻين جا نامزدگي فارم بحال ٿي ويا آهن

هي به پڙهندا

ڄامشوري جي سياست ۾ ڊرامائي تبديلي جو امڪان، سڪندر راهپوٽي کي لفٽ نه ملي