گڊو(رپورٽ :محمد علي ڪلوڙ) ٿرمل پاور ھائوس جي 500 ڪي وي گرڊ اسٽيشن جي سوئچ يارڊ ۾ فني خرابي پيدا ٿيڻ بعد گرڊ اسٽيشن جي بي فور مڊل بريڪر ۾ ڌماڪي سان باھ لڳي وئي جنهن سبب گڊو ٿرمل پاور ھائوس ۾ بجلي پيدا ڪندڙ يونٽ ۽ گڊو ٿرپل پاور ھائوس کان ملڪ جي مختلف علائقن ڏانهن ويندڙ ھاءِ ٽرانسميشن لائينون ٽرپ ٿي ويون جنهن سبب ملڪ جي وڏي بجلي گھر ۾ بجلي جي پيداوار مڪمل بند ٿي وئي ۽ گڊو ٿرمل پاور ھائوس کان پوري ملڪ ۾ بجلي جي فراھمي معطل ٿي وئي،  جڏھن ته گڊو ٿرمل پاور ھائوس ۾ فني خرابي سبب يونٽن جي بند ٿيڻ بعد واپڊا اختيارين ۽ ملازمن ۾ ٿرٿلو مچي ويو جڏھن ته واقعي بعد گڊو ٿرمل پاور ھائوس ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي ۽ بجلي نه ھجڻ سبب گڊو ٿرمل پاور ھائوس ۾ جنريٽر ھلائي پاور ھائوس جون لائيٽون ھلايون ويون، جڏھن ته گڊو ٿرمل پاور ھائوس جي 500 ڪي وي گرڊ اسٽيشن جي سوئچ يارڊ ۾ مرمتي ڪم ڪري 10 ڪلاڪن بعد مظفر ڳڙھ، شڪارپور 1 ۽ شڪارپور 2 کان علاواھ باقي سڀئي ھاءِ ٽرانسميشن لائينون بحال ڪري ملڪ جي مختلف علائقن ڏانهن بجلي جي فراھمي بحال ڪئي وئي جڏھن ته واقعي جي 16 ڪلاڪن بعد شڪارپور 1 ۽ شڪارپور 2 ھاءِ ٽرانسميشن لائينون بحال ڪيون ويون ھيون، جڏھن ته رابطو ڪرڻ تي اين ٽي ڊي سي جي لائين سپريڊنٽ احمد نواز بگٽي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سخت ڪوھيڙي سبب پاور ھائوس جي 500 ڪي وي سوئچ يارڊ ۾ ڌماڪي سبب باھ لڳي وئي، نتيجي ۾ سڀئي لائينون ٽرپ ٿي ويون، باھ لڳڻ بعد اين ٽي ڊي سي ڪنٽرول روم ۾ ويٺل عملو سوئڇ يارڊ پھچي ويو، طلب ڪرڻ تي  فائربرگيڊ گاڏي پھچي وئي سوئچ يارڊ ۾ بجلي جي سپلائي نه ھجڻ سبب باھ تي جلدي ۾ ڪنٽرول اچي ويو جنهن سبب وڌيڪ ڪو نقصان نه ٿيو آھي ھن وڌيڪ ٻڌايو ته واقعي جي 5 ڪلاڪن اندر 3 ھاءِ ٽرانسميشن لائينن مظفرڳڙھ، شڪارپور 1 ۽ 2 کان علاوھ باقي سڀ لائينون بحال ڪيون ويون ھيون سخت ڪوھيڙي سبب ھاءِ ٽرانسميشن لائينون ٻيھر ٽرپ ٿي ويون ھيون جنهن سبب بجلي جي بحالي ۾ دير ٿي وئي ھن وقت مظفرڳڙھ ھاءِ ٽرانسميشن لائين کان علاوھ سڀئي ھاءِ ٽرانسميشن لائينون بحال ڪيون ويون آھن.