ڄامشوري جي سياست ۾ ڊرامائي تبديلي جو امڪان، سڪندر راهپوٽي کي لفٽ نه ملي

0
699
ڄامشوري جي سياست ۾ ڊرامائي تبديلي جو امڪان، سڪندر راهپوٽي کي لفٽ نه ملي
ڄامشوري جي سياست ۾ ڊرامائي تبديلي جو امڪان، سڪندر راهپوٽي کي لفٽ نه ملي

ڪوٽڙي (رپورٽ: شوڪت ميمڻ) ڄامشوري ضلعي جي سياست ۾ ڊرامائي تبديلي اچڻ جا امڪان، ڪوٽڙي واري تڪراري سيٽ ملڪ اسد سڪندر کان کسجي ڊاڪٽر سڪندر شوري کي ملڻ جا امڪان چٽا ٿي ويا

پ پ قيادت ملڪ اسد سڪندر کي قومي اسيمبلي جي سيٽ تي بيهڻ لاءِ راضي ڪري ورتو. قومي واري سيٽ سڪندر راهپوٽي کان کسجي ملڪ اسد کي موٽي ملندي، مراد شاھ ۽ ملڪ اسد وچ ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ ۽ ضلع ڪائونسل جي چيئرميني پاڻ ۾ ورهائڻ وارو معاهدو پڄاڻي تي پهتو، گيانچند ايسراڻي به پنهنجي مڙسي ڪري زرداري کان اقليتن واري مخصوص سيٽ حاصل ڪري ويو

ن ليگ به ٿاڻي بولا خان واسي اڳواڻ تي مهربان آهي، عورتن وارين مخصوص صوبائي سيٽن تي به پ پ پاران ڪوٽڙي مان حنا دستگير جو وري به ڪڻي ۾ نالو نڪري آيو، سيد جلال محمود شاھ جي طبيعت ناساز هجڻ ڪري ڄامشوري ۾ پ پ جي روايتي حريف جماعت ايس يو پي کي ڪوبه مظبوط اميدوار ملي نه سگهيو، اڳوڻو ٽائون چيئرمين منير حيدر شاھ ٻه دفعا وڏو وزير رهندڙ مراد شاھ ۽ 1885 کان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر رهندڙ ملڪ اسد سڪندر سان جي ڊي اي جي ٽن تڪن تي اڪيلو مقابلو ڪندو، سيد زين شاھ ڄامشوري مان بيهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن بعد هن پنهنجي روايتي تڪ سڪرنڊ مان سندرا ٻڌي ورتا

ٿاڻي بولا خان تي وري ملڪ اسد سڪندر جو پٽ ملڪ سڪندر خان پهريون ڀيرو اليڪشن ۾ لهي پيو، صوبائي سيٽ تي پ پ جي ٽڪيٽ تي روايتي حريف آزاد اميدوار ملڪ چنگيز خان سان مقابلو ڪندو. ڪوٽڙي جو جيلاني خاندان نون چهرن سان پي ٽي آء پاران فارم ڀرايا ويا، سيوهڻ ۾ سيد مراد علي شاھ لاء مشڪلاتون وڌي ويون، ڀان جي سيد حاجن شاھ، پنهيار بردران ۽ سيوهڻ جي سيد آصف شاھ جا ساڻس اندروني اختلاف حل نه ٿيا

سيد آصف علي شاه قومي ۽ صوبائي سيٽ تي فارم ڀرائي ڇڏيا، بحريا جي زمينن تي ملڪ اسد سڪندر ۽ آصف زرداري ۾ ٿيل اختلاف اڃان سوڌو برقرار هجڻ ڪري ڊاڪٽر سڪندر شوري جي لاٽري کلي وئي، ايم پي اي ٿيڻ بعد کيس وزير بڻائڻ جو به پڪو آسرو مليل، راهپوٽي پاران قومي سيٽ نه ملڻ تي ضلعي چيئرمين کان استعيفي ڏياري کيس چيئرمين بڻائڻ جي اندروني ماطلبي جا چئوٻول به هلندڙ آهن، اصل سرگرميون چونڊ نشان الاٽ ٿيڻ بعد شروع ٿينديون