گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد سنگهڙ) گهوٽڪي جي ٻن قومي ۽ 4 صوبائي تڪن تي 97 اميدوار ميدان ۾لٿل، نامزدگي فارم بحال، پ پ لاءِ چيلينج، پ پ اڳواڻ ئي پارٽي قيادت لاءِ مٿي جو سور بڻيل، تڪن تي هڪ کان وڌيڪ اميدوار ٽڪيٽ جي انتطام ۾ ويٺل، خبر موجب گهوٽڪي ضلعي جي ٻن قومي ۽ چئن صوبائي تڪن تي پ پ، جي يو آءِ، نواز ليگ، پاڪستان تحريڪ انصاف، تحريڪ لبيڪ پاڪستان، ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ جي ڊي اي سميت آزاد 97 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن، جن جا نامزدگي فارم به بحال ٿي ويا آهن، ميرپور ماٿيلو، ڏهرڪي ۽ اوٻاڙو تعلقن تي ٻڌل اين اي 198 تي پ پ طرفان خالد احمد لنڊ کي ٻيهر ٽڪيٽ ڏيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته پ پ سان واڳيل عبدالباري پتافي، سينيٽر ڄام مهتاب ڏهر، شهباز لنڊ به فارم ڀرايا آهن، ساڳي تڪ تي ميان عبدالحق عرف ميان مٺو ۽ سندس پٽ ميان رفيق آزاد حيثيت سان فارم جمع ڪرايا آهن،  جڏهن ته جي يو آءِ جي مولانا محمد اسحاق لغاري، نواز ليگ جي اسلام خان مهر سميت  11 اميداوارن جا فارم بحال ٿيا آهن، اين اي 199 گهوٽڪي تي پ پ جي علي گوهر مهر، حاجي مهر،  عبدالباري پتافي ۽ ڄام سيف الله ڌاريجو نامزدگي فارم جمع ڪرايا، جيڪي بحال ٿيا، مهر سردارن جي دعويٰ آهي ته هن ڀيري پارٽي قيادت قومي تڪ تي علي گوهر مهر کي ٽڪيٽ ڏيندي، ساڳي تڪ تي جي يو آءِ طرفان مولانا ناصر محمود سومرو، مولانا عبدالقيوم هاليجوي، پپو چاچڙ ۽ حافظ سراج احمد چنا اميدوار طور سامهون آيا آهن، جڏهن ته شڪيلا خاتون ۽ منظور احمد آزاد حيثيت سان ميدان تي لهندا، پي ايس 18 پ پ شهريار شر، ڄام مهتاب ڏهر، سردار خان لنڊ، ياور مهتاب ڏهر ۽ علينواز خان چاچڙ پ پ جي اميدوار طور سامهون آهن، پاڪستان تحريڪ انصاف ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿيندڙ شهريار شر جي دعويٰ آهي ته صوبائي تڪ تي پارٽي قيادت کيس ٽڪيٽ ڏيندي، جي يو آءِ طرفان مولانا ناصر محمود سومرو پ پ اميدوارن سان مهاڏو اٽڪائيندو، ميان رفيق احمد، ارشاد احمد قاضي، آفتاب خان مزاري آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهندا، پي ايس 19 تي پ پ طرفان ضلعي صدر بابر لنڊ، عبدالباري پتافي ۽ سندس ڀائر هالار پتافي ۽ سارنگ پتافي، خالد احمد لنڊ جي پٽ نور محمد لنڊ جا نامزدگي فارم بحال ٿيا آهن، باري پتافي جي دعويٰ آهي ته پارٽي قيادت کيس ٽڪيٽ ڏيندي، جڏهن ته سندس ڀائرن توڙي بابر لنڊ به پارٽي قيادت سان رابطا شروع ڪري ڏنا آهن، پي ايس 19 تي آزاد حيثيت ۾ نادراڪمل لغاري، قيصر بوزدار، منصور بوزدار، سنتوش ڪمار اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن، ايس ٽي پي جي ڄام عبدالفتاح سميجو، فنڪشنل ليگ جي ميان مجن سميت مختلف پارٽين سان واسطو رکندڙ 25 اميدوارن جا فارم بحال ٿيا آهن، هن تڪ تي ٽه ڌري مقابلي جو امڪان آهي، نادر اڪمل لغاري ۽ فنڪشنل ليگ جي ميان مجن جي ووٽ بينڪ سان پ پ اميدوار کي ٽف ٽائيم جا امڪان آهن، پي ايس 20 تي ڪل 6 اميدوار ميدان تي لٿل آهن، جن ۾ پ پ طرفان محمد بخش مهر، مير خان مهر شامل آهن، جڏهن ته جي يو آءِ جي مولانا اسحاق لغاري جا فارم بحال ٿيا آهن، آزاد حيثيت ۾ فارم جمع ڪرائيندڙن ۾ سانول خان، طارق علي بوزدار، عبدالله گڏاڻي ۾ شامل آهن، تڪ تي پ پ ۽ جي يو آءِ اميدوارن ۾ سخت مقابلي جا امڪان آهن، پي ايس 21  تي رڳو پ پ جا 7 اميدوار ميدان تي لٿل آهن، جن ۾ علي نواز عرف راجا مهر، احسان سندراڻي، امير حمزهه سندراڻي، اڪرام الله ڌاريجو، ڄام سيف الله ڌاريجو، ڄام غلام قادر ڌاريجو، حاجي مهر  شامل آهن، علي نواز عرف راجا مهر جي دعويٰ آهي ته هو ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو، پي ايس 21 تي جي يو آءِ جي غلام عباس عرف پپو چاچڙ، مولانا عبدالقيوم هاليجوي، حافظ سراج احمد چنه، ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان راڻا ڪبير، تحريڪ انصاف جي ڊاڪٽر غلام رضا چنه جا فارم بحال ٿيا آهن، جڏهن ته پي ٽي آءِ ڇڏي آزاد حيثيت ۾ ميدان تي لٿل مير افتخار لنڊ، ياسمين طاهرهه، نياز حسين سومرو، ڪمال دين خان ۽ گل محمد پٺاڻ سميت 18 اميدوار مقابلو ڪندا.