حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) حيدرآباد ۾ قومي اسيمبلي جي ٽن ۽ صوبائي اسيمبلي جي ڇهن تڪن تي سخت مقابلي جو امڪان آهي. سمورن تڪن تي پ پ سان گڏ ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ ۽ ٻين جماعتن به پنهنجا اميدوار ميدان تي لاٿا آهن جڏهن ته مذهبي تنظيمن ۽ آزاد اميدوارن سان گڏ عورتون به چونڊ وڙهڻ لاءِ تياري ۾ مصروف آهن. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 218 تي مجموعي طور 18 اميدوارن جا نامزدگي فارم بحال ٿيا آهن. ان تڪ تي پ پ پاران سيد طارق شاهه ڄاموٽ اميدوار آهي. هو گذريل چونڊن ۾ به ان ئي تڪ تان ڪاميابي ماڻي چڪو آهي. سندس خلاف مقابلي ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ خاوند بخش جهيجو فارم داخل ڪرايو آهي. خاوند بخش جهيجي جي ٻن پٽن محمد ڪامران ۽ سهيل خان جهيجي پاران به فارم داخل ڪرايا آهن. ان کانسواءِ ان تڪ تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي جي فرزند ساحر اياز پليجي به فارم داخل ڪرايو آهي جڏهن ته جي يو آءِ پاران مولانا تاج محمد ناهيون اميدوار طور ميدان ۾ لٿو آهي. ان تڪ تي پ پ حيدرآباد ٻهراڙي جي جنرل سيڪريٽري مير شير محمد ٽالپر به پنهنجو نامزدگي فارم جمع ڪرايو آهي. کيس پ پ پاران ٽڪيٽ حاصل ٿيل نه آهي. مير شير محمد ٽالپر جي هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ طارق شاهه ڄاموٽ کي ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اينديون ڇاڪاڻ ته ٽنڊي ڄام ۽ پسگردائي وارن علائقن ۾ مير شير محمد ٽالپر جو سٺو ووٽ بئنڪ سمجهيو وڃي ٿو. ان تڪ تي ايم ڪيو ايم جي اميدوارن به پنهنجا نامزدگي فارم داخل ڪرايا آهن. ايم ڪيو ايم، جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ جي اتحاد سبب پيپلزپارٽي جي اميدوار کي ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ سخت زور آزمائي ڪرڻي پوندي. اين اي 218 سان لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 60 تي مجموعي طور 28 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن. اهو تڪ قاسم آباد تعلقي تي مشتمل آهي جڏهن ته ان ۾ تعلقي ٻهراڙي جا هٽڙي ۽ مسوڀرڳڙي وارا علائقا شامل آهن. ان تڪ تان ساندهه ٻن چونڊن ۾ پ پ جو ڄام خان شورو ڪاميابي ماڻيندو رهيو آهي جڏهن ته سندس مد مقابل قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه اياز لطيف پليجو رهيو آهي جنهن پڻ انهن چونڊن ۾ به پنهنجو نامزدگي فارم داخل ڪرايو آهي. ان ئي تڪ تي ايس ٽي پي جي جان محمد جوڻيجي به نامزدگي فارم داخل ڪرايا آهن جڏهن ته پ پ جي سرگرم اڳواڻ عرفان گل مگسي به ٽڪيٽ نه ملڻ جي باوجود به ان تڪ تان چونڊ وڙهڻ لاءِ نامزدگي فارم ڀريو آهي. جي ڊي اي جي محبوب علي ابڙي کانسواءِ مذهبي تنظيمن ۽ ايم ڪيو ايم جي نمائندن به چونڊ وڙهڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي افروز شورو ۽ انيسه صديقي سميت 4 عورتن به ان تڪ تي نامزدگي فارم داخل ڪرايا آهن. اصل مقابلو پ  جي ڄام خان شوري ۽ جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان اياز لطيف پليجي جي وچ ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 218 سان لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 61 تي مجموعي طور 31 اميدوارن پنهنجا نامزدگي فارم داخل ڪيا آهن. ان تڪ تي اصل مقابلو پ پ جي شرجيل انعام ميمڻ ۽ پي ٽي آءِ جي خاوند بخش جهيجو وچ ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. ان تڪ تان پ پ سان تعلق رکندڙ مير شير محمد ٽالپر به پنهنجو نامزدگي فارم داخل ڪرايو آهي. مير شير محمد ٽالپر ٽڪيٽ نه ملڻ جي صورت ۾ آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن سبب پ پ اميدوار کي ٽنڊي ڄام جي علائقي جا ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيايون پيش اچڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ ٻهراڙي جي صدر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير پير امجد شاهه جيلاني جي به مير شير محمد ٽالپر کي حمايت حاصل ٿي سگهي ٿي. ان ئي تڪ تي صرف هڪ ئي عورت شرجيل انعام ميمڻ جي امڙ زينت انعام ميمڻ نامزدگي فارم داخل ڪيا آهن. چيو پيو وڃي ته زينت انعام ميمڻ پنهنجي پٽ شرجيل انعام ميمڻ جي ڪورنگ اميدوار طور سامهون آئي آهي جڏهن ته جي يو آءِ جي آصف رضا، ايس ٽي پي جي جان محمد جوڻيجي ۽ ڪيو اي ٽي سربراهه اياز لطيف پليجي جي فرزند ساحر اياز پليجي جا نامزدگي فارم به ان تڪ تي داخل ٿيل آهن.