سانگهڙ (رپورٽر) نيول چيف امجد خان نيازي هڪ ڏينهن جي دوري تي سانگهڙ پهتو، ساڻس وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير تعليم سيد سردار شاھ  ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ به گڏ هئا،  نيول چيف امجد خان نيازي 1980 ۾ سانگهڙ مان مئٽرڪ ڪئي هئي، سانگهڙ شهر جي المنصورہ ڪالوني جو رهواسي هو،  2021 ۾ سانگهڙ هاءِ اسڪول جي بلڊنگ منظور ڪرائي ۽ بلڊنگ تيار ٿيڻ بعد  نيول چيف امجد خان نيازي اسڪول جي نئين بلڊنگ جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي تقريب ۾ اسڪولي شاگردن ٽيبلوز پيش ڪيا، خطاب ڪندي نيول چيف امجد خان نيازي چيو ته مون مئٽرڪ 1980 سانگهڙ مان پاس  ڪئي، اباڻي شهر کي وساري نٿو سگهان، اڄ اسڪول پهچي پراڻيون يادون تازه ٿي ويون آهن، اڄ سانگهڙ پھچي پراڻي دوستن سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي آهي،جڏهن ته وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته مونکي خوشي آهي ته  فوج جي چيف جو تعلق سانگهڙ سان آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت تعليم جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هن چيو ته سانگهڙ اهو ضلع آهي جٿي اسين ڊڄي ڊڄي ايندا هئاسين، ضلعي جا روڊ مڪمل تباهه هئا پيپلز پارٽي دور اچڻ بعد ضلعي جا مڪمل روڊ تعمير ٿيا، اڄ ضلعي جا رهواسي ڪلاڪن جو سفر منٽن ۾ طئي ڪندا آهن.