ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار پرڳڻي جي ٽن ڊويزنن ڪراچي، حيدرآباد  ۽ ميرپورخاص ۾ يارهين ۽ ٻارهين درجي جا امتحان 30 مئي کان وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. امتحانن دوران ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو کي امتحاني مرڪزن ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزنن ۾ فرسٽ ايئر ۽ انٽر جا امتحان 30 مئي کان 2 شفٽن ۾ ورتا ويندا، هن چيو ته سکر، لاڙڪاڻي ۽ شهيد بينظير آباد ۾ ميٽرڪ جا امتحان ختم ٿيڻ بعد يارهين ۽ ٻارهين درجي جا شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته هيل امتحانن ۾ 4 لک 89 هزارشاگرد حصو وٺي رهيا آهن،   700 مان  16 امتحاني مرڪز حساس آهن، سمورين ڊويزنن ۾ 390 وجيلنس ٽيمون جوڙيون آهن، هن چيو ته شاگردن ۽ استادن تي امتحانن دوران موبائيل فون استعمال ڪرڻ تي پابندي هوندي.