ساحل گهانگرو جو قتل: سوشل ميڊيا تي انصاف جو مطالبو

0
225
ساحل گهانگرو جو قتل: سوشل ميڊيا تي انصاف جو مطالبو

 ميهڙ ۾ نوجوان ساحل گهانگرو کي اغوا بعد قتل ڪرڻ واري واقعي تي سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو، جسٽس فار ساحل گهانگهرو هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايو ويو، ان سلسلي ۾ گنيش شرما ساحل گهانگهرو جي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هي هيڏا پيا ٿا ڪيِس ٿين، هي معصوم گلن جهڙو شاگرد ساحل گهانگهرو هو جنهن کي وحشي درندن اغوا بعد تشدد جو نشانو بڻائي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، معصوم شاگرد  کي ٻن ڏينهن کان وارث ڳوليندا رهيا پر سندس پتو نه پيو. ميهڙ واسي هن شاگرد کي اغوا بعد زيادتي جو نشانو بڻائڻ جا به اطلاع مليا آهن شروعاتي طور پوليس ڪجھه شڪي جوابدارن کي پڪڙيو جن جي نشاندهي تي معصوم جو لاش هٿ آيو. ههڙن قهري واقعن تي قانون آخر ڪڏهن حرڪت ۾ ايندو، اهڙا لڱ ڪانڊاريندڙ واقعا ڏسي لڳي ٿو ته اسان وٽ قانون ۽ حڪومت نالي ڪا شيءِ ناهي. ڇا ملڪي ذميوار ادارا هن ڳڀرو جي خون سان انصاف ڪري سگهندا.

حميرو ڪولهي، ديوان ڪمار، بلال احمد سولنگي، جسونت راءِ هالو ۽ ٻين افسوس جو اظهار ڪيو، عرفان عالماڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ‏درندگي جي انتها ته ڏسو! ميهڙ مان اغوا ڪيل نينگر ساحل گهانگهرو جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ساحل گهانگهرو ٻن ڏينهن کان گم هو شام سندس لاش وڻن جي ٽارين ۾ لڪيل مليو آهي. وحشي درندن کي فوري گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.محسن سيال، اڪرم رانجهاڻي، زيب کوسو، سعيد جهتيال، مختيار خاصخيلي، افروز ڪٽپر واقعي جي مذمت ڪئي ۽ جوابدارن کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. ريحان خان پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بدقسمتي سان اسان جو ان شھر سان تعلق آھي جنھن شھر جي نوجوان کي جنسي زيادتي ڪرڻ کان پوءِ لاش 2 ڏينھن وڻ ۾ ٽنگيل رھيو،  جنهن تي فياض سومرو لکيو ته ظلم جي انتھا آهي، انھن قاتلن سان به ساڳيو عمل ڪيو وڃي جيڪو ھن نينگر سان ٿيل آھي انھن جا لاش به ميھڙ چوڪ تي لٽڪايا وڃن، ته جيئن ٻئي ڪنھن ۾ جرئت نه ٿئي، شهزاد جاگيراڻي لکيو ته انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي، شبير چانڊيو به افسوس جو اظهار ڪيو، ارسلان سنڌي، ڪامران چانڊيو انصاف جو مطالبو ڪيو،

جي اين کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ميھڙ ۾ ساحل گهانگهرو جي اغوا ۽ قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۾ دير ايس ايس پي دادو عرفان سمون جي اھليت تي سواليا نشان آھي. ايڊووڪيٽ منور علي، جئي ڪمار ميگهواڙ، ماروي پليجو، تشڪيل ٻلهڙو، دريا خان پليجو، محمد جمن سنڌي، آفتاب عباسي، آڪاش اعظم به واقعي جي مذمت ڪندي جوابدارن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. مير کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ميھڙ ۾نوجوان ساحل گھانگھرو جي بي رحماڻي قتل جي جيتري مذمت ڪجي گھٽ آھي فوري طور قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي جنهن تي سورٺ ٿيٻو لکيو ته وڏو ظلم ٿيو آهي، ايڊووڪيٽ اصغر علي ميمڻ لکيو ته سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، مجتبيٰ جوکيو، ارشاد عباسي، فاروق علي چانڊيو، مظهر لاشاري، ثناءُالله ٿيٻو، محمود، ارباب نوحاڻي، بدر زاهد ۽ ٻين واقعي جي مذمت ڪندي جوابدارن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.