اشو آف دي ڊي جيڪو وزيراعظم هائوس جون مينهون وڪڻي کائي ويو اهو هار ۽ واچ ڇا ڏيندو

0
183
اشو آف دي ڊي جيڪو وزيراعظم هائوس جون مينهون وڪڻي کائي ويو اهو هار ۽ واچ ڇا ڏيندو

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پاران سرڪاري تحفا وڪڻڻ واري ڳالهه سامهون اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي عمران خان مٿان سخت تنقيد شروع ٿي وئي آهي، دلچسپ تبصرا به ڪيا پيا وڃن، اڪثر صارفين لکيو ته هاڻ ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته عمران خان ڇو چوندو هو ته هار نه مڃيندس، هن هار وڪڻي ڇڏيو آهي ان ڪري اهڙي ڳالهه ڪئي آهي، هار کانپوءِ واچ جو وڪرو به سامهون آيو آهي. ان حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سرڪار تحفا کپائي نٿا سگهجن، فواد چوڌري چيو آهي ته واچ وزيراعظم کي تحفي ۾ ملي 10 ڪروڙن ۾ کپائي يا 15 ڪروڙن ۾ ڏوهه ناهي. جنهن تي مختيار ملڪ لکيو ته باقي ٻين وزير اعظمن تي توشي خاني جي تحفن وڪرو ڪري تي ڪاروايون ڇو ٿيون؟ قانون سڀني تي ساڳو لاڳو ٿئي، عبدالڪريم قمبراڻي لکيو ته واچ نه پر هار جي ڳالهه هئي، ديو ڪمار لکيو ته ملڪ جي وزيراعظم طور ملي اھا ملڪ جي امانت آھي ھاڻي وڃي ڪير ٿو گفٽ ڏي اگر ملي ته ڀلين پاڻ رکي، بشير احمد سومرو لکيو ته فواد چوڌري ڪوڙو شخص آهي،

جهانزيب مهر لکيو ته قانون موجب گهٽ ۾ گهٽ قيمت جي اڌ جي برابر پئسا جمع ڪرائڻا آهن، عرفان علي لکيو ته ذوالفقار ڀٽي کي ٻه در سونا تحفي ۾ مليا هئا هڪ سيوهڻ ۽ ٻيو داتا درٻار پنجاب ۾ لڳل آهي، ثناءُالله کوکر لکيو ته شهباز کي واچ جي ضرورت هئي ٽائيم ڏسي ها، سجاد حيدر شاهه لکيو ته هار ته گيلاني کي به مليو هو اهو زوري واپس ورتو ويو هو، آصف بليدي لکيو ته هاڻي اهي دفاع به ائين ڪندا جيئن حڪومت ۾ ان جو ڪندا هئا وزيراعظم کي جيڪي به تحفا ملندا آهن اهي قومي خزاني جو اثاثو هوندا آهن. امتياز ٽالپر شهباز شريف جي بيان تي لکيو ته توهان عمران جي رستي تي نه هلو بجاءِ ٻين تي تنقيد ڪرڻ پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيو نه ته سڀاڻي وري ڪو اوهان جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد پيش ڪري، سعيد احمد لکيو ته باقي سرڪار جا پئسا چوري ڪري ٻاهر موڪلي سگهجن ٿا، مني لانڊرنگ جائز آهي؟ فدا حسين لکيو ته باقي اوهان سڀ گڏجي سنڌ کي کپايو؟ ڪرامت چانڊيو لکيو ته سڄو پاڪستان کائي کپائي ڇڏيو آهي، هاڻي وري تحفن تي اعتراض آهي.

اعتبار گهمرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪيڏي نه وڏي دليري آھي، پاڪستان جي توشه خاني مان به اسان جا حڪمران نٿا مڙن ٻيون ته لڪ ڇپ ۾ چوريون ڪندا آھن پر جيڪي ٻاهرين ملڪن کان تحفه  ملن ٿا اهي به کڻي ويندا آھن پ پ پ جي دور جو وزيراعظم گيلاني توشه خاني مان سونو هار کڻي وي هو جيڪو ترڪي تحفي ۾ ڏنو هو پر ميڊيا ۾اشو اٿڻ کانپوءِ واپس ورتو ويو۽ هينئر ڪجھ مهينن کان عمران خان ۽ ان جي گهرواري تي سوني هار ،سعودي بادشاهه شاه سلمان جي گفٽ ڪيل گهڙي ۽ هڪ لاڪيٽ جا الزام لڳا آھن ۽ سوني هار جي ته ايف آءِ آر به ڪٽجي چڪي آھي ۽ گهڙي جي ڪهاڻي جڏهن دبئي بازار ۾ وڪامڻ لاءِ پهتي ته اتان جي ان سوناري شاهه سلمان سان رابطو ڪري ٻڌايو ته تو واري گفٽ ڪيل گهڙي وڪامڻ لاءِ پهتي آھي جنهن کان پوءِ شاهه سلمان اها گهڙي سوناري کان خريد ڪرائي واپس گهرائي هي فرح خان ۽ سندس مڙس احسن گجر جي هٿ تي ڪيو ويو آھي؟ فرح خان بيبي بشرا جي سهيلي آھي ٻنهي زال مڙس کي عمران خان ۽ گهرواري جو فرنٽ مين سمجهيو ٿو وڃي. عبدالحميد پتافي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيڪو وزيراعظم هائوس جون مينهون وڪڻي کائي ويو اهو 18 ڪروڙ جو هار ڇا ڏيندو.آڪاش چانگ لکيو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف پهرين انڪوائري تحفي ۾ ملندڙ هار وڪڻڻ جي شروع ٿي وئي آهي. گلاب انقلابي لکيو ته قيمتي ھار توشه خاني ۾ جمع ڪرائڻ بجاءِ ذالفي بخاري ذريعي کپائڻ جو ايف آءِ اي جاچ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي.