پڪ ٿي وئي پراڻو پاڪستان آهي: پيٽرول ۽ بجلي قيمتن ۾ واڌ بابت سوشل ميڊيا تي عوام جو ردعمل

0
240
پڪ ٿي وئي پراڻو پاڪستان آهي: پيٽرول ۽ بجلي قيمتن ۾ واڌ بابت سوشل ميڊيا تي عوام جو ردعمل

نئين حڪومت ۾ به بجلي ۽ تيل جي قيمتن ۾ واڌ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي بحث جاري رهيو، پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ جي تجويز اچڻ کانپوءِ فوري طور سوشل ميڊيا تي عوام جو ردعمل شروع ٿي ويو، ان سلسلي ۾ فرحان ٻٻر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ 83 رپيا ۽ ڊيزل 119 رپيا واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي ، سنگت کي مبارڪون  پراڻو پاڪستان موٽي آهيو. عابد علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اوگرا پاران پيٽرول 83 رپيا ، ھاءِ اسپيڊ ڊيزل 119 رپيا ، لائيٽ ڊيزل 77 رپيا ، گاسليٽ جي قيمت 77 رپيا وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن تي اي آر رستماڻي لکيو ته مري وياسين، لالا اظهر پٺاڻ لکيو ته هاڻ ڇا ڪجي، عاشق علي لغاري لکيو ته معنيٰ پيٽرول 250 رپيا ليٽر ٿي ويندو، جاويد مينهاڻي لکيو ته اهواٿئي نئو وزيراعظم شوباز شريف، سنيل ڪمار لکيو ته پراڻي پاڪستان ۾ ڀليڪار، ايڊووڪيٽ راءِ هرجن پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته دٻ لڳي پئي آهي پيٽرول 83 رپيا ليٽر ٿو وڌي جيڪي پيسا هئا انهن جو پيٽرول وٺي ڇڏيم هاڻ سموسن لاءِ به پيسا ناھن، جنهن تي علي شاد مڱريو لکيو ته ريٽ لهي ويو ته اوهان جو نقصان ٿي ويندو، صدام ڏاهري لکيو ته شهباز شريف پيٽرول سستو ڪري سرپرائيز ڏيندو،

حيدر سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شاباش شهباز شريف، وزيراعظم اوگرا پاران پيٽرول جي 83 رپيا في ليٽر واڌ واري سمري رد ڪندي رڳو 20 رپيا في ليٽر اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي؟ جنهن تي نديم برهماڻي لکيو ته ان کان ڀلو هو ته عمران خان ويٺو هجي ها، گلاب خان لاشاري لکيو ته هي تي چون پيا اسان سستائي ڪنداسين پو ڪن نه سستائي، 22 ارب ڊالر مان 4 ڏينهن ۾ 17 ارب ڊالر بچيا آهن کنڊ 10 رپيا ڪلو گه 20 رپيا ڪلو ايل پي جي 20 رپيا ڪلو مهانگي ڪئي اٿن 5 ڏينهن ۾، علي دوست شاهاڻي لکيو ته شابس اٿس، عبدالسعيد چنا لکيو ته اوهان اها خبر ڪٿان ڏٺي؟ ايم صالح جوڻيجو پوسٽ شيئر ڪئي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 83 رپيا واڌ جو امڪان آهي، جنهن تي حبيب الله سمون لکيو ته رعايت جو ٻڌو هوسين هي ور ڇا؟ دلدار ساند لکيو ته ٻيلي 38 هوندو 83 نه ڪر، صفا ساهه ٿو ڪڍين،رياض احمد لکيو ته اسان سمجهو هي سستائي ڪندو پر هي ته ويتر وڌائي پيو،

راحيل انور سومرو لکيو ته ڀليا ته ناهيو، ديدار جاڙيجو لکيو ته مطلب هاڻ 6 ڪلو ميٽر اچڻ وڃڻ لاءِ ٻه سئو رپيا ڊيلي کپن، رحمت الله ماڃوٺي لکيو ته عمران خان اڃا به رهي ڪو نه ٿو مهانگائي پيو ڪري، اسد علي جوڻيجو لکيو ته مري وياسين، ممتاز علي بجير لکيو ته مون ته 25-30 رپين جو اندازو لڳايو هو، ساجد حسين چانڊيو لکيو ته سياست جو امام سڏجندڙ سياڻي ڪانوَ ٻہ ٽَنگو ڦاسڻ وارو آھن ھڪ سال اندر. ھڪ سال لاءِ خرچ به ٽيڻو ڪيائين خوار به انھي ھڪ سال ۾ ٿيندو.الياس ملاح لکيو ته پراڻو پاڪستان، ضمير حسين لکيو ته هاڻ پڪ ٿي ته واقعي پراڻو پاڪستان آهي،ساگر نعيم لکيو ته ڌرڻن، لانگ مارچ مظاهرن جا خرچ ايئن ئي نڪرندا، سنگر رياض خاصخيلي لکيو ته عمران خان جي سازش آهي، زئور معشوق لکيو ته هاڻي ڏيو منهن،

مقبول احمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شهباز حڪومت کي پيٽرول ۽ عام کائڻ پيئڻ جي شين تي عوام لاءِ سبسڊي ڏيڻ گھرجي.پر لڳي مشڪل ٿو، ڇو ته هي همراهه به ڪافي وقت کان ٻاهر هيا مس مس هنن جي عيد ٿي آ، جنهن تي زوهيب ابڙو لکيو ته پراڻو پاڪستان مبارڪ هجي، طفيل احمد سولنگي لکيو ته شهباز جي پرواز کي وڏو لوڏو آهي، نورالدين سولنگي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شھباز حڪومت ۾ مھانگائي جو پھريون تحفو، بجلي جي قيمت ۾ چار رپيا 84 پئسا في يونٽ ۾ واڌ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، فرحان خان تنيو لکيو ته نئين حڪومت جو عوام کي تحفو، بجليءَ جي في يونٽ اگهه ۾ ذري گهٽ 5 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي. جنهن تي سهيل احمد تنيو لکيو ته اوهان نئين حڪومت جا حامي هئا.فضل ابڙو لکيو ته 50پارٽين جي گڏيل حڪومت به عوام کي رليف فراهم نه ڪيو، بجلي پوڻا 5رپيا مهانگي ڪئي وئي آهي،پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو به واڌ نامنظور. اخلاق بخاري لکيو ته مهانگائي مارچ جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن.