دادو (رپورٽر) ڪڪڙ جي رهواسي علي اصغر شاھ زال جي زيادتين خلاف دادو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي علي اصغر دانهيندي چيو ته ٻي شادي بعد پنجاب واسڻ زال زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي، زال بنا جواز ٻارن تي تشددڪري ڇڏي، پڇڻ تي مونسان جهيڙو ڪري ٿي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.