سائين جي ايم سيد سان هڪ ملاقات جون يادگيريون … ڇا ته شخص هئو، پنهنجو موقف دليلن ۽ شاهدين سان بيان ڪرڻ وارو!…

0
34
سائين جي ايم سيد سان هڪ ملاقات جون يادگيريون ... ڇا ته شخص هئو، پنهنجو موقف دليلن ۽ شاهدين سان بيان ڪرڻ وارو!...

 لڳ ڀڳ 36 سال اڳ جي ڳالهه آهي، جڏهن هڪ هفتيوار رسالي جي انٽرويو جي خواهش کڻي مون ڊگهي مسافري ڪئي ۽ ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ ‘سن’ پهتس. اهو ئي ڳوٺ منهنجي منزل هو ۽ ان ڳوٺ ۾ رهندڙ سياستدان ۽ سنڌي قومپرستيءَ جو ابو سائين سيد غلام مرتضيٰ شاهه ڪاظمي جي حضور ۾ حاضري مقصود هئي. سيد غلام مرتضيٰ شاهه ڪاظمي هند- سنڌ ۾ جي ايم سيد جي نالي سان مشهور هو ۽ اڄ پڻ آهي.

                 لڙندڙ شام جي پاڇن جي وچ ۾ سن ڳوٺ پهچندڙ مسافر کي پهريون جهٽڪو ان وقت آيو، جڏهن کيس خبر پئي ته طبيعت جي ناچاڪائيءَ جي ڪري سائين  اڄ ٻنپهرن جو ڪراچي هليا ويا آهن. مسافر جي چهري تي نراسائي ڏسي امداد محمد شاهه (سائينءَ جو فرزند) چيو ته: “بابا پريشان ڇو ٿا ٿيو! صبح جو مون کي به ڪراچيءَ وڃڻو آهي، مون سان گڏ هلجو. اتي سائينءَ سان توهان جي ملاقات ڪرائيندس. توهان کي انٽرويو لاءِ انهن پاڻ ئي وقت ڏنو آهي. ڪجهه دير آرام ڪريو. سانجهاندي کانپوءِ وڌيڪ ڪچهري ڪنداسين”.

ٻئي ڏينهن صبح جو مسافر، امداد محمد  شاهه سان گڏ سن کان ڪراچي روانو ٿيو. 11 وڳي جي لڳ ڀڳ اسان جي گاڏي حيدر منزل ڪراچي پهچي وئي. ٽپهريءَ جو آرام کانپوءِ سائين جي ايم سيد ياد ڪيو. آئون سندن بيڊروم ۾ داخل ٿيس ته مرڪندي چوڻ لڳا: “منهنجا ٻچا، توکي زحمت سهڻي پئي پر آئون عمر جي اهڙي حصي ۾ آهيان، جنهن ۾ بيماري دستڪ ڏيڻ بنا مهمان بڻجي ويندي آهي”. ۽ پوءِ وري دريافت ڪيائون ته، “رات هتي ترسڻ ۽ سفر ۾ ڪا تڪليف ته نه ٿي؟”

“جي نه”. مون عرض ڪيو.

سوال ۽ جواب جو سلسلو شروع ٿيو ته مون دريافت ڪيو:

“سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان ٺهڻ جي قرارداد پيش ۽ منظور ڪرائيندڙ جي ايم سيد مسلم ليگ سان ناتو ٽوڙڻ ڇو ضروري سمجهيو؟”

سندن چوڻ هو ته، “آل انڊيا مسلم ليگ ۾ فيصلا جمهوري بنيادن تي نه پر شخصي بنيادن تي ٿيندا هئا. اهو ئي اختلافن جو سبب بڻيو”.

“پر اهي ته چون ٿا ته توهان ڪانگريس ۽ گانڌيءَ جي چوڻ تي مسلم ليگ کان ڌار ٿيا؟”

“جيڪي چوندا هئا ۽ چون پيا، انهن جي الزام تي تبصرو ڪري وقت ڇو ضايع ڪريان! پر جيڪڏهن ايئن هو به ته پوءِ آئون ڪانگريس ۾ ڇو نه ويس؟ اهي مسلم ليگ وارا پاڻ کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي محب وطن ئي نٿا سمجهن، حالانڪه انگريزن جا سمورا وفادار ان جماعت ۾ شامل ٿيا”. وري چوڻ لڳا: “مون کي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ ئي شعوري طور تي اهو احساس ٿي ويو هو ته اسان سنڌي مسلمان غلط فيصلو ڪري چڪا آهيون”.

“ڇا اهڙو ئي غلط فيصلو، جهڙو توهان مسجد منزل گاهه تحريڪ ۾ شامل ٿي ڪيو هو؟”

“بلڪل. مون کي هندن جي خلاف مولوين جي ان تحريڪ جو حصو بنجڻ نه گهرجي ها. انسان تجربن مان سکندو آهي، ان ڪري آئون ورهاڱي واري وقت کان وٺي اهو چوندو پيو اچان ته اسان جي بقا ان ۾ آهي ته اسان صرف سنڌي بڻجي رهون. اهو ئي هڪ طريقو آهي پنهنجي تاريخ، تشخص ۽ ثقافت کي محفوظ رکڻ جو. مون ڀُٽي (ذوالفقار علي ڀٽو) کي پڻ چيو هو ته پنجاب جي سول ۽ ملٽري اشرافيه توکي پنهنجن مقصدن لاءِ رستو ڏيندي پر جيئن ئي انهن کي ساهه کڻڻ جو موقعو مليو، اهي تنهنجا پساهه پورا ڪندا. وقت منهنجي راءِ تي مهر ثبت ڪري ڇڏي. ڀُٽي کي سمجهڻ گهرجي ها ته هي قومن جو ملڪ آهي، قومَ جو نه. هٿرادو طريقي سان قوم سازيءَ جا خواهشمند اصل ۾ ورهاڱي جي نفرتن کي سڄي زندگيءَ جو ڪاروبار بنائي رکڻ چاهين ٿا”.

“چڱو، پنهنجن اختلافن جي باوجود، اهو ته ٻڌايو ته جناح صاحب ۽ ڀٽو ڪهڙي قسم جا انسان هئا؟”

مرڪندي چوڻ لڳا: “تون ته شرارت کان ڪونه مڙندين!” ۽ پوءِ چيائون، “جناح ڪنهن کي ٻڌندو ڪونه هو ۽ ڀٽو ڪنهن کي مڃيندو ڪونه هو. ذاتي حيثيت ۾ ٻئي نفيس انسان هئا ۽ ڀٽو، گهڻ پڙهيو شخص هو. ڀُٽي تي هن مسلم امت جو، بنا ڪنهن ٻئي جي شرڪت جي، ليڊر بنجڻ جو ڀوت سوار هو، جنهن جي تاريخ جو هڪ ورق به محسن ڪشيءَ کان خالي نه آهي. هو (ڀٽو) جيڪڏهن چاهي ها ته وفاق ۾ آباد پنجن ئي قومن کي هڪ جيترا آئيني حق ڏيئي ماضيءَ جي غلطين جو ڪفارو ادا ڪري پئي سگهيو، بدقسمتيءَ سان هن ڀارت دشمنيءَ جي سياست کي ڪاميابيءَ جي ڏاڪڻ سمجهيو. اڙي بابا، اسان مقامي قومن مان صرف پنجاب جي ڪجهه ضلعن جي ڀارت سان دشمني ٺهي ٿي، ۽ اها ڳالهه سمجهه ۾ به اچي ٿي، باقي ان باهه ۾ ڀلا ڇو سڙون؟”

“ورهاڱو ٿي ويو. قتل ۽ غارت گري ۾ اڳرائي ڪنهن ڪئي؟”

“ٻئي ملڪ پنهنجو پنهنجو پِٽڪو ڪن ٿا، پر تاريخ جو سچ اهو آهي ته ورهاڱي جي خون خرابي جي ذميواري لاهور ۽ راولپنڊي جي پنجابي مسلمانن تي لاڳو ٿئي ٿي. اڳرائي انهن ڪئي هئي”.

“سائين، هاڻي اهي پراڻيون ڳالهيون ورجائڻ جو ڪهڙو فائدو؟”

ٻن ٽن گهڙين جي وقفي کانپوءِ چيائون: “سنڌين جو مستقبل سنڌو ديس ۾ آهي”.

عرض ڪيم: “پر هاڻي ته سنڌ ٻه لساني صوبو آهي؟”

سائينءَ وراڻيو ته، “مون الطاف حسين کي چيو هو ته سنڌي ٿي وڃو، سنڌين سان گڏجي جدوجهد ڪريو پر ان جي مٿي تي قائداعظم ثاني بنجڻ جو جنون سوار هو. آئون هاڻي سنڌين جي لاءِ سوچيان ٿو، صرف سنڌين جي لاءِ”.

مون کانئن دريافت ڪيو، “پر صوفي شاهه عنايت شهيد جي فڪر جو وارث انسانيت جي ڳالهه ڇو نٿو ڪري؟”

سائينءَ وراڻيو: “سنڌي به ته انسان ئي آهن. پهرين انهن کي ته حق ملن، پوءِ اسان ٻين جي به حمايت ڪنداسين”.

منهنجو ٻيو سوال هو ته، “هڪ صوفي، سني، ڪاظمي سيد گهراڻي سان تعلق رکندڙ جي ايم سيد ‘جيئن ڏٺو آهي مون’ جهڙو ڪتاب ڇو لکيو؟”.

وراڻي ڏنائون: “اهي منهنجي مطالعي جا نوٽس آهن. هاڻي به اهو ٿو چوان ته مذهب جو رياستي معاملن سان ڪوبه تعلق نه آهي. آئون لادين يا مذهب بيزار نه آهيان، البته مذهبي واپار کان ضرور بيزار آهيان. سيڪيولر حڪومتي نظام ئي ملڪ ۾ آباد سمورن طبقن جي حقن جي تحفظ جي ضمانت ڏيئي سگهي ٿو”.

(ليکڪ جو تعلق سرائيڪي وسيب سان آهي. ‘دي فرنٽيئر پوسٽ’ سميت مختلف اخبارن جو ايڊيٽر رهيو آهي. 34 ڪتابن جو ليکڪ ۽ سهيڙيندڙ آهي. 50 سالن کان قلمي پورهيو ڪندو اچي. ان عرصي دوران صحافت جي آزادي ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ تي 5 سال قيد ڪاٽيائين. ضياءَ جي دور ۾ خصوصي فوجي عدالت بغاوت جي ڪيس ۾ کيس سخت پورهئي سان 3 سال قيد جي سزا پڻ ٻڌائي.)