ذهني ۽ نفسياتي مريض ۽ رازداريءَ واري قانون جي ڀڃڪڙي

0
43
ذهني ۽ نفسياتي مريض ۽ رازداريءَ واري قانون جي ڀڃڪڙي
ملير جي سنڌي ڳوٺن تي قبضي جون ڪوششون

ڪجهه ڏينهن کان وٺي سماجي ميڊيا تي ذهني چڱڀلائي کان محروم ٿيل هڪ شخص جو تذڪرو هو. جنهن کانپوءِ ڪجهه سماجي خدمتگار پهچي ويا، جن ان ذهني ۽ نفسياتي مريض کي، انهن بيمارين جي اداري ‘سر ڪائوسجي- جهانگير انسٽيٽيوٽ’ (سر سي جي انسٽيٽيوٽ)، گدو (حيدرآباد) ۾ پهچايو، جتي ڊاڪٽرن ان مريض جو علاج شروع ڪيو. ايستائين ٿيل پيش رفت تي ته ڪنهن کي به اعتراض ڪونهي. علاج ان مريض جو حق هو، پر جيڪا ڳالهه اعتراض جوڳي آهي، سا اها ته ان مريض جون تصويرون ۽ وڊيوز ميڊيا (سماجي ميڊيا سميت) تي شيئر ڪيون ويون ۽ پوءِ سماجي ميڊيا جي واندي خلق جا ان تي طرح طرح جا تبصرا، ڪمينٽس جي صورت ۾ اچڻ لڳا. سماجي خدمت واري سٿ جو چڱو ڪم به ابتا نتيجا ڏيڻ لڳو، جو فوٽو سيشن ٿيا ۽ واهه واهه جي ورکا ٿيڻ لڳي پر اصل ڳالهه سر سي جي انسٽيٽيوٽ جي انتظاميا جي آهي، جيڪا پڻ ان سڄي نمائشي ۽ تشهير واري عمل جو حصو بڻيل رهي، سر سي جي انسٽيٽيوٽ انتظاميا پنهنجي طرفان به سوشل ميڊيا تي ان مريض جون وڊيوز ۽ تصويرون شيئر ڪري رهي آهي، اهو ڄاڻڻ جي باوجود به ته سنڌ مينٽل هيلٿ ايڪٽ 2013ع جي سيڪشن 50 تحت ڪنهن به مريض جي سڃاڻپ پريس، ميڊيا (اليڪٽرانڪ، پرنٽ، ڊجيٽل ۽ سوشل ميڊيا) ذريعي عوام آڏو ظاهر ڪرڻ ممنوع آهي، جيڪا سنڌ مينٽل هيلٿ ايڪٽ 2013ع جي ڀڃڪڙي آهي.

سنڌ ۾ سرڪاري سطح تي ذهني ۽ نفسياتي علاج جون سهولتون، جيڪي گهٽ ۾ گهٽ به تعلقي اسپتال جي سطح تي هجڻ گهرجن، پر ضلعي سطح جي سول اسپتالن ۾ به اهي ميسر نه آهن. انهن بيمارين جي علاج لاءِ سر سي جي انسٽيٽيوٽ آهي، ۽ شايد ننڍي کنڊ جو سرڪاري سطح تي هي سڀ کان وڏو ادارو آهي، پر ان ۾ وڏي بجيٽ جي باوجود ڪيتريون سهولتون ميسر آهن، اهو مريضن جي وارثن طرفان سهولتن جي اڻاٺ وارين دانهن توڙي مختلف وقتن تي هن وڏي اداري مان ذهني مريضن جي فرار ٿيڻ وارين خبرن مان لڳائي سگهجي ٿو. هلندڙ مالي سال جي سر سي جي انسٽيٽيوٽ جي بجيٽ به 56 ڪروڙن کان مٿي آهي ۽ اها بجيٽ ڪٿي ۽ ڪيئن ٿي خرچ ٿئي، اها خبر خاوند. ايڏي وڏي بجيٽ جي باوجود ذهني ۽ نفسياتي چڱڀلائي وارو وڏو ادارو، سهولتن جي فراهمي ته پري جي ڳالهه، عوام ۾ پنهنجي ساک به بحال نه ڪرائي سگهيو آهي. ايتري قدر جو نالي جي حوالي سان به نه! ذهني ۽ نفسياتي مرضن جي علاج واري ان وڏي اداري کي عام ماڻهو اڃان تائين به “چرين جي اسپتال” سڏين ٿا ۽ ذهني مريضن کي “چريو” سمجهيو وڃي ٿو. سماج جي ان رويي جي ڪري ماڻهو نفسياتي ۽ ذهني بيمارين جو علاج ته پري جي ڳالهه، اهي بيماريون ظاهر ڪرڻ کان به لنوائين ٿا. ڪنهن مريض ۾ جڏهن بيماري پيچيده صورت اختيار ڪري ٿي ته نقلي عاملن ۽ ڀوپن جي ور چڙهي ٿا وڃن، جن جا دوکي جا دڪان ۽ حرفتي هَٽ المعروف آستانه هاڻي شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ موجود آهن، جتي هنن مريضن جو اڳوڻو نور به چٽ ٿيو وڃي.

جڏهن به ڪا نياڻي جنسي ڏاڍائيءَ جو شڪار ٿئي ٿي ته قانون موجب، ميڊيا تي ان جي سڃاڻپ به ظاهر ناهي ڪرڻي هوندي. تصوير ته پري جي ڳالهه، ان جو نالو به ظاهر ناهي ڪبو ۽ ميڊيا تي رپورٽ ۾ ان جي نالي ۽ ذات جا پهريان اکر ڄاڻايا ويندا آهن ۽ تصوير به چهرو لڪائڻ لاءِ ڌنڌلي ڪئي ويندي آهي، پر سوشل ميڊيا برگيڊ، جيڪا هر اخلاقيات ۽ قانون کان پاڻ کي آجو ٿي سمجهي، اها ان تي عمل ناهي ڪندي، جيئن ذهني ۽ نفسياتي مريضن جي حوالي سان پڻ ٿيندو رهيو آهي. اهو نٿو سوچيو وڃي ته ان سان مريض جي وارثن کي ڪيترو صدمو پهچي ٿو، اوڙي پاڙي ۾ ان مريض جي لاءِ ڪهڙي راءِ جڙي ٿي، سماجي ٻنڌڻ ۽ ناتا رشتا ڪهڙي ريت متاثر ٿين ٿا.

اسان سر سي جي انسٽيٽيوٽ جي انتظاميا کي اهو چوڻ جي ضرورت ٿا محسوس ڪريون ته ذهني ۽ نفسياتي مريضن جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري سنڌ مينٽل هيلٿ ايڪٽ 2013ع جي ڀڃڪڙي نه ڪئي وڃي. انتظاميا کي پنهنجي احسن ڪارڪردگيءَ جي تشهير جو ايترو ئي خبط آهي ته ذهني صحت لاءِ حقيقي معنا ۾ بهتر سهولتن جي فراهمي سان اداري لاءِ نيڪ نامي آندي وڃي. اليڪٽرانڪ، پرنٽ ميڊيا جي انتظاميا، توڙي سوشل ميڊيا جي صارفين کي به ان قانون جي پاسداري ڪرڻ گهرجي.