ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ)سون 1100 رپيا مهانگو: اسٽاڪ مارڪيٽ 72000 پوائنٽن  کي ڪراس ڪري ورتو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1100 رپيا واڌ سان 240900 مان 242000 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون11 ڊالرن جي اضافي سان 2300 ڊالر في آئونس تي پهتو، هوڏانهن چاندي 2750 رپين تي بيٺل رهي، ٻئي طرف  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 23 پئسا واڌ سان 279.77 مان 280 رپين تي بند ٿيو، جڏهن ته پائونڊ 3 رپيا واڌ سان 343 مان 346 ۽ يورو هڪ رپيو اضافي سان 396 مان 397 رپين تي پهتا هئا، ٻئي پاسي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري نظر آئي، 100 انڊيڪس 692 پوائنٽن جي واڌ سان 72051 پوائنٽن   تي بند ٿي، هڪ موقعي تي انڊيڪس 72414 پوائنٽن واري بلند سطح تي پڻ پهتي هئي.