لاڙڪاڻو (رپورٽ: شاهه محمد لاشاري) لاڙڪاڻو پوليس جي نااهليءَ ڪري شهر ۾ نشي جي عادين جو آزار وڌي ويو آهي، نشي جي عادين طرفان رات جي اونداهيءَ ۾ شهر جي مختلف علائقن، پاڙن الهه آباد، المدينه ڪالوني، علي گوهر آباد، مراد واهڻ سميت مختلف علائقن توڙي پبلڪ پارڪ آصفه ڀٽو پارڪ، قاضي فضل الله پارڪ، جناح باغ پارڪ توڙي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بيت المال ڪالوني، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول علي گوهر آباد سميت ٻين عمارتن مان لوهي گرل جي سيخن سميت ٻيو قيمتي سامان چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته پوليس چورين ۾ ملوث نشي جي عادين خلاف ڪاروائي کان لاچار بڻيل آهي، شهرين منشيات فروشن خلاف اثرائتي ڪارروائي سان گڏ نشي جي عادين جو علاج ڪرائڻ لاءِ اسپتال منتقل يا کين شهر مان نيڪالي ڏئي شهر مان چوري جي آزار ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان سلسلي  ۾ لاڙڪاڻي مان ڪافي عرصي کان نشي جي عادي هيروئنين سميت ٻيو نشو واپرائيندڙن شهر جي مختلف علائقن سميت قبرستانن ۾ پنهنجا ٿاڪ قائم ڪري سرعام نشو واپرائڻ ۾ مصروف ٿي ويا آهن، جنهن ڪري نشي جي عادين جو شهر جي مختلف علائقن، پاڙن توڙي سرڪاري ۽ خانگي عمارتن مان رات جي اونداهيءَ ۾ نشي پتي جي پورائي ڪرڻ لاءِ اتان لوهه سميت ٻيو قيمتي سامان چوري ڪرڻ معمول بڻجي ويو، اهڙن وارداتن ۾ ملوث اڪثر نشي جي عادين کي پوليس گرفتار ڪرڻ بعد کين ٿاڻي منتقل ڪرڻ بعد مبينا ڏيتي ليتي يا سياسي اثر رسوخ جي ڪري آزاد ڪري ڇڏين ٿا جنهن ڪري اهڙن وارداتن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي. اهڙي صورتحال تي شهري جي سماجي ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن زاهد چانڊيو،احسان بليدي ،غلام حسين جتوئي، مولانا اصغر علي ڪنڀر، حافظ محمد اسلم ڪانڌڙو سميت ٻين ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته شهيدن جي شهر سان پوري دنيا ۾ سڃاتو ويندڙ ۽ سنڌ جي چوٿين وڏي شهر لاڙڪاڻو ۾ ضلعي انتظاميه ۽ پوليس طرفان شهر ۾ نشي جي عادي هيروئينن خلاف اثرائتي ڪاروائي نه ڪرڻ جي سبب نشي جي عادي ماڻهن جو انگ سوين بجاءِ هزارن جي تعداد تائين پهتل آهي جن ۾  13 کان 50 ورهين جي ڄمار وارا نشي جا عادي هيروئني نشي جي پورائي لاءِ تيز ڌار ڪٽر کڻي رات جي اونداهي ۾ نڪري پون ٿا ۽ سرڪاري اسڪولن، پبلڪ پارڪن آصفه پارڪ، جناح باغ پارڪ، قاضي فضل الله پارڪ، توڙي ٻين هنڌن تي قائم پارڪ توڙي رات جي وقت بند پيل سرڪاري اسڪولن ۽ خانگي عمارتن ۾ گهڙي آسانيءَ سان لوھي سيخون، سريا، ٽيئر توڙي ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري شهر جي ڪٻاڙين کي سرعام عام وڪرو ڪن ٿا پر ڪٻاڙي به اڌ پئسن ۾ چوري ٿيل سامان خريد ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته لاڙڪاڻي شهر جي 10 کان وڌيڪ ٿاڻن جي پوليس ۽ 100 سؤ کان وڌيڪ پوليس چوڪين تي مقرر پوليس اهلڪار به اهڙي نشي جي عادي چورن خلاف ڪارروائي کان لاچار بيڻل آهن، جيڪا شهرين سان نه صرف زيادتي آهي پر خوف جي ڪيفيت پڻ ڇانيل آهي. هنن چيو ته شهر ۾ منشيات جي روڪٿام لاءِ بي رحم آپريشن نه ٿيڻ ڪري نشي جا عادي، گهٽي گهٽي، محلن، پاڙن توڙي شاپنگ سينٽر سميت مختلف قبرستانن ۾ ديرا ڄمائي سرعام نشو واپرائي رهيا آهن، هنن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ پوليس ۽ ضلعي انتظاميه جي لاپرواهي سميت چونڊيل نمائندن به اهڙي سنگين صورتحال تي ذميواري محسوس ناهي ڪئي جنهن ڪري شهري عوام ئي سرڪاري پارڪ ۽ عمارتون مان چوريون روز جو معمول بڻيل آهن جن مان لکين رپين جي چوريون ٿي رهيون آهن. هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ سرڪار ۽ آءِ جي سنڌ، ڊي سي لاڙڪاڻو ،ڊي آء جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته فوري نوٽيس وٺي شهر  ۾ منشيات فروشن خلاف اثرائتي ڪاروائي ڪري شهر مان نشي جي عادي هيرونين کي علاج لاءِ اسپتالن ڏانهن اماڻي شهر مان چورين جو آزار ختم ڪري منشيات جي عادت ۾ مبتلا ٿيل نوجوان نسل کي تباهي کان بچائي شهر کي منشيات کان پاڪ ڪيو وڃي.