لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ آبادگار بورڊ ضلعي طرفان آبادگارن کي بارداڻو نه ملڻ خلاف ڊي ايف سي لاڙڪاڻو خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ سان گڏ 8 مئي تي ڊپٽي ڪمشنر آفيس اڳيان ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو اعلان سنڌ آبادگار بورڊ ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر عرفان جتوئي  پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته آبادگارن جو ڪڻڪ جي فصل تي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال ٽيڻ تي وڌيڪ خرچ ٿيو آهي، آبادگارن 16 هزار ۾ ڊي اي پي، 9 هزار ۾ يوريا ۽ 5 هزار وارو ڪٽو 10 هزارن ۾ خريد ڪيو، خاص طور ننڍو هاري وياج تي وٺندو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت نوٽيفڪيشن موجب ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4 هزار رپيا مقرر ڪيو، جيڪو اگهه به انتهائي گهٽ آهي پر ان اگهه تي به عمل نه ٿو ٿئي ۽ نه ئي آبادگارن کي ڪڻڪ جي امدادي رقم 4 هزار نه پيو مليو ويتر اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ 3100 کان 3500 سو ۾ خريد ڪئي پئي وڃي، اهڙي طرح خوراڪ کاتي جو ڪارنامو پوري سنڌ ۾ ساڳيو آهي. هن چيو ته بارداڻي شفاف ورڇ لاءِ سنڌ حڪومت ضلعي سطح تي ڊپٽي ڪمشنرن جي سربراهيءَ ۾ ڪاميٽي جوڙي وئي جنهن ۾ ڊي ايف سي ميمبر ۽ سنڌ آبادگار بورڊ جا اڳواڻ شامل آهن، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڊپٽي ڪمشنر شرجيل نور چنا جي سربراهيءَ ۾ ڪاميٽي جوڙي وئي جنهن ۾ ڊي ايف سي لاڙڪاڻو آغا ذوالفقار پٺاڻ ۽ سنڌ آبادگار بورڊ جا اڳواڻ ميمبر طور شامل آهن، اسان 50 کان 100 ٻوريون وٺندڙ ننڍن آبادگارن جا 2 سيڪڙو لسٽون ڊي ايف سي کي ڏنيون پر انهن کي اڃان تائين باردانو نه مليو آهي، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته لاڙڪاڻو سنڌ حڪومت جو سياسي ڳڙھ آهي جتي ڪرپٽ ڊي ايف سي آغا ذوالفقار پٺاڻ کي مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو ننڍن آبادگارن کي باردانو ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، جيڪو لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 90 سيڪڙو باردانو بااثرن ۽ سياسي وابستگي رکندڙ ماڻهن کي ڏئي چڪو آهي، اسان ڪيترائي ڀيرا ڊي ايف سي سان رابطي جي ڪوشش ڪئي پر هن اسان کي اعتماد ۾ وٺڻ کان بغير 3 کان 4 لک ٻوريون ورهائي ڇڏيون آهن ، ائين پيو لڳي ته ڊپٽي ڪمشنر به ڊي ايف سي آڏو بي وس بڻيل آهي، ڊي ايف سي آبادگارن کي پئسن عيوض باردانو ڏئي رهيو آهي. اسين بارداڻو فراهم نه ڪرڻ جو ذميوار سيڪريٽري زراعت ۽ ڊائريڪٽر خوراڪ سنڌ کي سمجهون ٿا جن طرفان هن وقت تائين ڪو به نوٽيس ناهي ورتو ويو تنهن ڪري سنڌ آبادگار بورڊ جو مطالبو آهي ته ڊي ايف سي لاڙڪاڻو کي هٽائي سندس خلاف انڪوائري ڪرائي وڃي ٻي صورت 8 مئي تي سنڌ آبادگار بورڊ ضلعي طرفان ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جي آفيس ٻاهران ڌرڻو هڻي ڊي ايف سي ۽ ڪاميٽي جي ميمبرن جي ناجائزين خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي، گڏوگڏ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان ملاقات ڪري لکت ۾ درخواست ڏئي اينٽي ڪرپشن ۽ هاءِ ڪورٽ ۽ چيف سيڪريٽري کي درخواست اماڻي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، آرمي چيف، چيف سيڪريٽري کي لکيو ويندو، لاڙڪاڻي ڊويزن جي پنجن ئي ڊي ايف سيز خلاف آبادگار پٽيشن داخل ڪرائن جن کي سنڌ آبادگار بورڊ طرفان وڪيل به فراهم ڪيا ويندا.