سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان مئي ۾ ڪرائڻ،  امتحاني سينٽرن چوڌاري قلم 144 لاڳو ڪرڻ ۽ موبائل فون ضبط ڪرڻ جو فيصلو

0
46
سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان مئي ۾ ڪرائڻ،  امتحاني سينٽرن چوڌاري قلم 144 لاڳو ڪرڻ ۽ موبائل فون ضبط ڪرڻ جو فيصلو
سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان مئي ۾ ڪرائڻ،  امتحاني سينٽرن چوڌاري قلم 144 لاڳو ڪرڻ ۽ موبائل فون ضبط ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان مئي ۾ ڪرائڻ،  امتحاني سينٽرن چوڌاري قلم 144 لاڳو ڪرڻ ۽ موبائل فون ضبط ڪرڻ جو فيصلو

ان ڏس ۾ ڪالهه سنڌ جي تعليم واري وزير  سردار شاهه ۽ يونيورسٽيز واري وزير محمد علي ملڪاڻي جي صدارت هيٺ بورڊ امتحانن بابت گڏيل جلاس ٿيو، جنهن ۾ ايندڙ مهيني کان شروع ٿيندڙ ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو

ان موقعي تي بورڊز کاتي جي  سيڪريٽري نور احمد سمون بريفنگ ڏيندي چيو ته ميٽرڪ جا امتحان مئي جي پهرين هفتي ۽ انٽر جا امتحان مئي جي آخر ۾ وٺڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، ڪراچي ۾ ميٽرڪ جا 250 امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، جتي 3 لک 50 هزار 198 شاگرد  امتحان ڏيندا، ڪراچي ۾ ميٽرڪ جي امتحان ۾ سرڪاري اسڪولن جا 73 هزار 724 ۽ پرائيويٽ اسڪولن جا 2 لک 76 هزار 474  شاگرد شرڪت ڪندا

اجلاس ۾ صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو ته جيڪڏهن وقت کان اڳ پيپر آئوٽ ٿيڻ جي شڪايت ملي ته لاڳاپيل بورڊ جي چيئرمين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته امتحاني مرڪزن ۾ موبائل فون کڻي اچڻ تي پابندي هوندي، موبائل فون هٿ اچڻ جي صورت ۾ ضبط ڪيو ويندو

اجلاس ۾ تعليم واري وزير سردار شاهه چيو ته ڪاپي روڪڻ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڪاپيءَ روڪڻ جي پهرين ذميواري والدين، پوءِ استادن، انتظاميه ۽ سماج تي اچي ٿي، هن چيو ته بورڊ  نتيجن جي حوالي سان ٿرڊ پارٽي اسيسمينٽ به ڪرائي ويندي، نتيجن جي ٿرڊ  پارٽي  تشخيص سان بورڊ اندر نشانن جي حوالي سان شڪايتون چيڪ ڪرڻ ۾ مدد ڪندي

اجلاس ۾ بورڊ جي رڪارڊ کي پيپر ليس ڪرڻ، رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن، امتحاني ڪاپين جي تشخيص کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ ٻين انتظامن تي غور ويچار ڪيو ويو.