اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني چيو آهي ته پوليس وارو قانون کان مٿانهين ڪارروائي ڪري ته معطل ڪري ڇڏيندا آهيون، ايجنسين ۾ ڇا ڪو جوابده آهي؟ ايجنسين ۾ خود احتسابي جو ڇا عمل آهي؟ ڪوئي دهشتگرد آهي ته ڪيس داخل ڪريو، عدالت کان مٿانهين ڪارروائي نه ڪريو، لاپتا بلوچ شاگردن جي بازيابيءَ لاءِ داخل درخواست تي جسٽس محسن اختر ڪياني ٻڌڻي ڪئي. اٽارني جنرل منصور اعواڻ ۽ درخواستگذار ايمان مزاري عدالت آڏو پيش ٿي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل بازياب ٿيندڙ لاپتا ماڻھن متعلق رپورٽ عدالت آڏو پيش ڪئي. جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏيندي چيو ته ھن پٽيشن ۾ انساني حقن جي خلاف ورزي جي نشاندھي ڪئي وئي ھئي اھو واضع آھي اسٽيٽ، عدالتون ڪنھن دھشتگردي کي تحفظ نه ڏينديون. سوال تڏھن پيدا ٿيندو آھي جڏھن قانون جي ابتڙ ڪو قدم کنيو ويندو آھي. پوليس جيئن به ڪاروائي ڪندي آھي اسان اُن کي ڏسي وٺندا آھيون ٺيڪ ھجي يا نه. وڪيل ايمان مزاري چيو ته جنھن ڏينھن نگران وزير اعظم ھن عدالت آڏو پيش ٿيو ھيو ان ڏينھن ھڪ بلوچ شاگرد کي کنڀيو ويو ھيو. ان کان ٻئي ڏينھن ان مسنگ شاگرد کي راولپنڊي مان ڇڏيو ويندو آھي. جنھن تي عدالت چيو ته پوليس وارن کي ته آرام سان معطل ڪري ڇڏيندا آھيون ڇو ته ھو جيڪو ڪندا آھن سڀني جي سامھون ڪندا آھن. ڇا ايجنسين ۾ ڪو جوابده آھي. خود احتسابي ڪٿي آھي جيڪا نظر اچي؟ جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته منھنجي راءِ جبري گمشدگي ڪميشن جي خلاف ان لاءِ آھي ڇو ته جن تي الزام ھوندو آھي انھن سان گڏ ويھي ڪم ڪري رھيا ھوندا آھن. جيڪي ادارا قانون جي ماتحت آھن اُھي ته ريگيوليٽ ٿي ويندا آھن. جيڪي قانون جي خلاف ورزي ڪندا آھن انھن جي ريگيوليشن ڇا آھي؟ جن جو ڪو پيارو لاپتا آھي اھو ڪو عام ماڻھو آھي. وڪيل يا جج جو رشتيدار آھي ھي عمل ان جي اندر ۾ نفرت پيدا ڪندو آھي، پوليس وارا ته سٺا ماڻھو آھن ڇو ته ھو ٺيڪ ھجي يا غلط ڪاروائي سڀني جي سامھون ڪندا آھن. وفاقي حڪومت وزارت دفاع کان معلوم ڪري ٻڌائي ته ايجنسين جي اندر ڇا خود احتسابي جو عمل آھي؟ ٺيڪ آھي ورڪنگ ۾ غلطي ٿي سگھي ٿي پر ان جو مطلب اھو ناھي ته جوابده ناھن. ڇا ڪنھن جي خلاف ڊپارٽمينٽل ڪاروائي ڪئي وئي آھي؟ جيڪڏھن ڪا دھشتگردي آھي ته ايف آءِ آر يا ڪاروائي ڪرايو. پر عدالت کان مٿانھين ڪاروائي نه ڪريو. ايجنسين جو ڪردار ڪنھن قانون تحت ھوندو. جھڙي طرح ايف آءِ اي ۽ ٻيا ادارا آھن، جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ھر اداري کي پنھنجي حدن ۾ رھي ڪم ڪرڻو آھي. عدالت کي به پنھنجي اختيار ۾ رھي ڪم ڪرڻو آھي. قانون جي مطابق ڪنھن به معاملي کي حل ڪرڻ جا ھزار طريقا آھن. ھڪ گھر جو مرد آھي ان جو ڀاءُ گم آھي ان جي ماءُ ۽ ڀيڻ ڌي تي ڇا گذري رھي آھي. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ھڪ ڪاميٽي جوڙي جنھن ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي آءِ بي، ڊي جي ايم آءِ ھئا. جنھن تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ان جي حوالي سان اسان سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو آھي. جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏنا ته جيڪڏھن اوھان آرڊر ۾ ترميم ڪرائڻ چاھيو ٿا ته درخواست داخل ڪريو. اسان کي لاپتا ماڻھن جي ان معاملي کي حل ڪرڻو آھي. ڪاميٽي جوڙڻ جي حوالي سان ڪو اعتراض آھي ته سبب ٻڌائي عدالت کي مطمئن ڪريو. پٽيشنر جي وڪيل ٻڌائي رھي آھي ته جنھن ڏينھن وزير اعظم ھِتي بيان ڏئي ويو ان ئي ڏينھن ھڪ ماڻھو کي کنڀيو ويو. ان مان خبر پوي ٿي ته وزير اعظم جي بيان جي به ڪا حيثيت ناھي. منھنجو چوڻ آھي ته وزير اعظم، سپريم ڪورٽ يا ھاءِ ڪورٽ نه پر اھي ٽي ماڻھو ئي ان مسئلي کي حل ڪري سگھن ٿا. يا ته پارليمينٽ ھي معاملو ڏسي ته ايجنسين جو اختيار قانون مطابق ھوندو. جنھن بعد عدالت بلوچ شاگردن جي بازيابي لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي 21 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ۾لاپتا بلوچ شاگردن جي بازيابي متعلق درخواست جي ٻڌڻي 21 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي.