World Malaria Day … مليريا: اڃان تائين ھڪ مسلسل مسئلو

0
51
World Malaria Day ... مليريا: اڃان تائين ھڪ مسلسل مسئلو

 مڇر جي چڪ وسيلي منتقل ٿيندڙ ھڪ جراثيم (Plasmodium) مان پيدا ٿيندڙ  بيماري مليريا، ھڪ پراڻي ۽ عام بيماري آھي. ھي مرض  قابل علاج ۽ بچاءُ  جوڳو ھجڻ باوجود اڃا تائين هر سال دنيا مان لکين زندگيون ڳڙڪايو وڃي. ھونئن ته ھر ڏينھن مليريا متعلق ڳڻتي ۽ ان کان بچاءُ جا جتن ڪبا آهن ۽ ڪرڻ به گھرجن، پر ساليانو اڄوڪي تاريخ تي مليريا جو عالمي ڏهاڙو ملھائبو آھي ۽ ھر سال ڪنھن نئين نعري ۽ عزم تحت ھڪ موضوع جو انتخاب ڪري، مليريا خلاف ڪوششن کي وڌائبو آھي. ھن دفعي جو موضوع آھي: “زيرو مليريا مون کان شروع ٿئي ٿو”، يعني مليريا جي مرض/ڪيسن کي ٻڙي تائين گھٽ ڪرڻ لاءِ شروعات پنھنجي پاڻ کان ڪبي. اڄوڪو ڏينهن ھن بيماري خلاف جنگ ۽ بچاءُ لاءِ شخصي ۽ گڏيل ذميواري تي زور ڏئي ٿو.

                  مليريا، هڪ ننڍڙي مڇر جي ڪري ٿيندڙ اھا وڏي بيماري آھي جيڪا سڄي دنيا جي لکين ماڻهن کي متاثر ڪري ٿي، پر  آفريڪي ملڪ وري سڀ کان وڌيڪ بوجھ کڻندا آهن. سٺي علاج، معتبر ٽيسٽن ۽  بچاءُ جي بھتر تدبيرن سان، سن 2000ع  کان وٺي مليريا جي ڪيسن ۽ اموات کي گهٽائڻ ۾ اهم پيش رفت ٿي آھي، پر ان سڀ جي باوجود اڄ به مليريا عوامي صحت (Public Health)  لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي، خاص طور تي ڪمزور ۽ ڏٻري آباديءَ جهڙوڪ پنجن سالن کان گهٽ عمر جا ٻار، ڳورھاريون  عورتون، ۽ غربت ۾ رهندڙ ماڻھو جن جو مدافعتي سرشتو ڪمزور ٿيندو آھي.

مليريا جون عمومي علامتون ۽ نشانيون:

مليريا ڪرائيندڙ جراثيم چئن قسمن جا ھوندا آھن ۽ وري ھر قسم ۾ ٿورو گھڻو فرق به هوندو آهي، پر عام رواجي طور ٿيندڙ علامتون ھي آھن:

 * تيز بخار، ڏڪڻي سان سيءُ ۽ فلو جهڙيون علامتون. ھڪ قسم جي مليريا ۾ وري بخار ۾ ھڪ ڏينھن جي وڇوٽي ۽ وري ٻيھر ٿيندو آھي. ٻيو ته مٿي، چيلھ ۽ جسم ۾ سور، وات ڪڙو ٿيڻ ۽ ڪڏھن ڪڏھن الٽيون به اچڻ. مليريا جي جيڪڏهن بروقت تشخيص ۽ علاج نه ڪيو وڃي ته اھو موتمار به ٿي سگھي ٿو.

 * حمل ۾ مليريا جي ڪري ٻار ضايع ٿيڻ، مرده ٻار ڄمڻ، ۽ گهٽ وزن سان پيدا ٿيڻ جھڙا مسئلا ٿي سگهن ٿا.

مليريا خاص ڪري مون سون جي ڏينھن ۽ سرءُ جي موسم ۾ تمام گھڻو ٿيندو آھي، پر عمومي طور تي ھي مرض سڄي سال ۾ ڪنھن به وقت ٿي سگھي ٿو، تنھنڪري ھميشه ان کان بچاءُ جا اپاءَ وٺڻ ۾ ئي عافيت آهي. ان لاءِ مڇر جي چڪ کان پنھنجو پاڻ کي بچائي رکبو، جيڪو مڇر دانين جي استعمال ۽ جسم کي ڍڪڻ، خاص طور تي شام ۽ ساجھر مھل، سان ممڪن آھي. ٻيو ته مڇر ڀڄائڻ وارا لوشن به مددگار ثابت ٿيندا آھن. گھرن ۽ آسپاس جي ماحول کي صاف سٿري رکڻ، گدلاڻ، بيٺل پاڻي ۽ گند ڪچرو ٺڪاڻي لڳائڻ سان به مڇر جي افزائش واريون جايون ختم ڪري سگهجن ٿيون.

مليريا جي علامتن جو شڪ ٿئي ته پاڻمرادو يا ڪنھن عطائي بجاءِ، ھڪدم ويجھي صحت مرڪز مان مليريا جي ٽيسٽ ڪرائي ڪنھن مستند ڊاڪٽر کان مُڪمل علاج ڪرائڻ انتھائي ضروري آھي، ٻي صورتَ ۾ مليريا جون پيچيدگيون پيدا ٿي سگھن ٿيون، جيڪي موتمار به ٿي سگھن ٿيون.

* مليريا جو معاشي بار به تمام گهڻو آهي، صحت جي سار سنڀار جي مھانگن خرچن ۽ علاج معالجي جي ڏکيائين جي ڪري ڪيترائي ماڻهو ۽ خاندان وڏي پئماني تي مليريا مان شديد متاثر ٿين ٿا.

مليريا خلاف پاڪستان جي جنگ به جاري آھي ۽ گذريل ڪجھ سالن ۾ ڪافي سٺيون ڪوششون به ورتيون پيون وڃن، پر انھن اپائن ۽ ٻي ترقي جي باوجود، مليريا اسان جي ملڪ ۾ ھينئر به عوامي صحت لاءِ هڪ اهم خدشو آهي. دنيا ۾،  پاڪستان انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي، جتي مليريا جو سڀ کان وڌيڪ بار آهي، جتي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي ان مرض ۾ مبتلا ٿيڻ جي خطري ھيٺ آهي.  سنڌ ۽ بلوچستان جهڙن صوبن ۾ صورتحال خاص طور تي خراب آهي، جتي غربت، صحت جي سهولتن تائين پهچ نه هجڻ ۽ صفائي سٿرائي جي اڻپوري صورتحال ان مسئلي کي ويتر وڌيڪ وڌائي ٿي. تنهن هوندي به،  مليريا جي ڪنٽرول ۾ ڪجھ قابل ذڪر قدم پڻ کنيا آهن، جن سان 2010ع  کان 2020ع جي وچ ۾ ڪيسن ۾ 44 سيڪڙو ڪمي ۽ موت جي شرح ۾ 55 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. اها ڪاميابي ان مرض کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت جي عزم ۽ صحت جي سار سنڀال جي اڻٿڪ ڪوششن جو ثبوت آهي. گڏوگڏ مليريا خلاف جدوجھد ڪندڙن، صحت ڪارڪنن، لاڳاپيل اين جي اوز، ميڊيا ۽ بين الاقوامي ڀائيوارن جو به اثرائتو ڪردار وساري نٿو سگھجي. اھو به ڏٺو ويو آهي ته بدقسمتي سان گذريل چند سالن ۾ اسان وٽ ٻيھر مليريا جي ڪيسن ڪر کڻڻ شروع ڪيو آھي، جيڪا ھڪ ڳڻتيءَ جوڳي ۽ چئلينج واري صورتحال ٿيندي پئي وڃي. مٿي وري سال ٻن کان ملڪ ۾ ھلندڙ ڪجھ معاشي ۽ سياسي عدم استحڪام به معاملن کي ڏکيو ڪيو آھي، جھڙوڪ فنڊنگ جي گھٽتائي، صحت جو ناقص ۽ اڻپورو انفراسٽرڪچر، ۽ مليريا  تي روايتي دوائن جو اثرائتو نه رھڻ وغيره.   ان کان علاوه،COVID-19  جي وبائي مرض به مليريا ڪنٽرول جي ڪوششن کان وسيلن ۽ توجهه کي هٽائي ڇڏيو ھو، جيڪو ھاڻي آھستي آھستي قابو ڪيو پيو وڃي.  مليريا خلاف اسان جي حاصلات کي برقرار رکڻ ۽ مليريا کان پاڪ پاڪستان ڏانهن سفر کي تيز ڪرڻ لاءِ، اسان کي گهرجي ته:

 (1) مليريا ڪنٽرول پروگرامن لاءِ فنڊنگ وڌايون، خاص ڪري وڌيڪ بار وارن علائقن ۾.

(2) صحت جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط ڪريون، بشمول تشخيصي سهولتون ۽ علاج جا مرڪز.

 (3) بچاءُ واري قدمن کي فروغ ڏيڻ لاءِ آگاهي مهم کي وڌايو وڃي، جھڙوڪ مڇر دانين ۽ اندرين رهائشي توڙي ٻاھران مڇر مار اسپري کي ھمٿائجي.

(4) دوا کي بي اثر ڪندڙ مزاحمتي مليريا کي منهن ڏيڻ لاءِ نئين ٽيڪنالاجين ۽ حڪمت عملين جي ضرورت آھي ۽ نئين تحقيق وسيلي وڌيڪ مؤثر دوائون ٺاھجن.

(5) اسان کي مليريا خلاف ڪوششن کي وڌائڻ لاءِ بين الاقوامي تنظيمن ۽ اين جي اوز توڙي مقامي ادارن ۽ مخير حضرات سان شراڪت داري ڪري فائدو وٺڻ گھرجي.

(6) روڪٿام جي قدمن جهڙوڪ جراثيم ڪش سان علاج ٿيل بيڊ نيٽ، اندرين رهائشي اسپريئنگ، ۽ نسلن جي جڳهين کي ختم ڪرڻ سان مليريا جي ڪيسن کي گهٽائي سگهجي ٿو.

(7) مؤثر اينٽي مليريا دوائن سان ۽ معتبر ابتدائي تشخيص سان مليريا جو مڪمل علاج ڪري سگهي ٿو ۽ پيچيدگين کي روڪي سگھجي ٿو.

(8) جديد ٽيڪنالاجيون جهڙوڪ ويڪسين ۽ جين ايڊيٽنگ مستقبل لاءِ مليريا خلاف ھڪ مستقل حل ٿي سگھن ٿا، جن تي مقامي طور به ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي.

(9) مليريا جي روڪٿام ۽ علاج بابت پاڻ کي ۽ ٻين کي تعليم ڏيون.

(10) بيڊ نيٽ، تشخيصي اوزار، ۽ زندگي بچائيندڙ دوائن تائين پهچ وڌائڻ لاءِ عالمي ڪوششن جي حمايت ڪريون ۽ ضروري ڪم اوليت تي ڪريون.

(11) اسانجي اختيارين ۽ فيصلي سازي ڪندڙ اڳواڻن کي به مليريا جي ڪنٽرول ۽ خاتمي جي پروگرامن کي ترجيح ڏيڻ لاءِ اڳي کان اڳڀرو ٿي جاکوڙڻ گھرجي.

هن عالمي مليريا ڏينهن تي، اچو ته مليريا جي خاتمي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون، تڏهن ئي اسان پنهنجي سماج لاءِ هڪ صحت مند ۽ وڌيڪ خوشحال مستقبل ٺاهي سگهون ٿا.

[email protected]