آسٽن(انٽريسٽنگ نيوز) ٽيسلا جي نئين مائڪرو چپ 2033ع تائين انسانن کان وڌيڪ ذهين ٿي ويندي، هن وقت چپ ۾ انساني دماغ جي 36 سيڪڙو صلاحيت آهي. ويناراما ڪمپني جي تحقيق موجب ڊي ون مائڪرو چپ هڪ سيڪنڊ ۾  362 هزار ارب آپريشن ڪري سگهي ٿي جڏهن ته انسان جو دماغ 10 لک هزار آپريشن في سيڪنڊ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ايلون مسڪ جي ڪمپني هن سال نئين ڊي ون چپ ٺاهيندي جيڪا ڊو جو سپر ڪمپيوٽر پليٽ فارم ۽ ٽيسلا جي آٽو پائلٽ سيلف ڊرائيونگ سسٽم جو حصو هوندي. هن وقت مائڪرو چپس انسانن جي دماغن جي گهرڙن وچ ۾ جوڙ جيان ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.