ليسٽر(انٽريسٽنگ نيوز) هڪ نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مشهور ليکڪ وليم شيڪسپيئر جا هڪ ڀاڱي ٽي ڊراما امڪاني طور تي ٻين ليکڪن سان گڏجي لکيل آهن. برٽش سائنس فيسٽيول ۾ پيش ڪيل تحقيق ۾ جديد زبان جي تجزياتي ٽيڪنڪ استعمال ڪئي وئي آهي جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ٽائٽس اينڊ رونيڪس ۽ پيريڪلس جارج پيل ۽ جارج ولڪنس سان گڏجي لکيل آهن، جڏهن ته ٻيا ڊراما امڪاني طور تي ٻين ليکڪن شروع ڪيا هوندا ۽ شيڪسپيئر انهن کي ختم ڪيو هوندو. هينري سڪس جي ٻئي حصي جا ابتدائي منظر شايد ڪرسٽوفر مارلو لکيا، ميڪ بيٿ جيان ميزر فار ميزر جي ٿامس مڊلٽن شيڪسپيئر جي موت کانپوءِ ترميم ڪئي پر ميڪ بيٿ جو اصلي ۽ ترميم نه ٿيل مسودو موجود نه آهي. ٻئي طرف اها دعويٰ به ڪئي وئي آهي ته ٻين ليکڪن جي نالن سان ڇپيل ڪجهه ڊراما وري شيڪسپيئر جا به لکيل ٿي سگهن ٿا جيئن اينٿوني منڊي ۽ هينري چيٽل جو لکيل سر ٿامس مور ۽ ايڊورڊ ٿري جيڪو ڪنهن گمنام ليکڪ جو لکيل هو اصل ۾ انهن جا ڪجهه حصا شيڪسپيئر جا لکيل آهن. ڊي مونٽفورٽ يونيورسٽي جي پروفيسر گيبريل ايگن چيو ته اسان جو تجزيو ٻڌائي ٿو ته شيڪسپيئر بابت جيترو سمجهيو وڃي ٿو امڪان آهي ته هن ان کان وڌيڪ لکيو هجي پر ڪجهه ڊراما جن بابت خيال هو ته هن جا لکيل آهن اهي هن نه لکيا آهن. هن چيو ته شيڪسپيئر 43 ڊراما پاڻ ۽ 14 ٻين ليکڪن سان گڏجي لکيا.