لاهور(شوبزنيوز)اداڪارا ريشم راوي درياهه ۾ ٿيلهيون اڇلائڻ واري غلطي مڃي ورتي آهي. ان کان اڳ هن چيو ته اسان انسان آهيون ۽ غلطي سڀني کان ٿيندي آهي. ان ۾ ڪا اهڙي وڏي ڳالهه ناهي جو ماڻهو تنقيد ڪري رهيا آهن، کيس ڪنهن جي به تنقيد سان ڪو فرق نٿو پوي. ڪجهه ڏينهن اڳ ريشم مڇين جي لاءِ خوراڪ اڇلائڻ سان گڏ ٿيلهيون به اڇلي ڇڏيون هيون. واضح رهي ته درياهه ۾ ٿيلهيون اڇلڻ تي سوشل ميڊيا واهپيدارن مٿس سخت تنقيد ڪئي هئي.