ڪراچي (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين  آصف زرداري وقت کان اڳ چونڊن ۾ رنڊڪ بڻيل آهي، عمران جي پريس ڪانفرنس دوران آيل فون ڪال بابت نٿو ٻڌائي سگهان.  اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ چيو ته اسان جي پارٽي جو موقف آهي ته جلد کان جلد چونڊون سيپٽمبر جي آخر ۽ آڪٽوبر جي شروعات ۾ منعقد ڪرايون وڃن. اليڪشن ڪميشن به تصديق ڪئي آهي ته گهٽ وقت دوران جلد چونڊون ممڪن نٿيون ٿي سگهن پر هن وقت جلد چونڊن جي رستي ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري رنڊڪ بڻيل آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته آصف زرداري چاهي ٿو ته نواز ليگ اقتدار ۾ رهي ۽ مشڪل فيصلا به ڪري جنهن سان هن جي ساک متاثر ٿئي. جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي بنا ڪنهن سياسي نقصان جي ڀائيوار به رهي ۽ بعد ۾ ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي لاءِ رعايتون به حاصل ڪري سگهي. هو سمجهن ٿا ته چونڊن جي صورت ۾ پيپلز پارٽي کي اندرون سنڌ کان علاوه ڪنهن به جڳهه تي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. شاهه محمود جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي وفد لنڊن ۾ نواز شريف کان پنجاب ۾ پنهنجي 10 اڳواڻن لاءِ سيٽون گھريون آهن، پنجاب ۾ سيٽون گھرڻ اعتراف آهي ته هاڻي پيپلز پارٽي پنجاب ۾ پنهنجي شڪست تسليم ڪري چڪي آهي، ٻن سياسي خاندانن جي هن ميلاپ سان نه معيشت کي فائدو آهي نه سياسي فائدو. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي پريس ڪانفرنس دوران ايندڙ فون ڪال بابت شاهه محمود قريشي چيو ته ڪالهه آيل فون ڪال ڪنهن ڪئي هئي نٿا ٻڌائي سگھون، ان معاملي تي خاموشي اختيار ڪندس. هن چيو ته عمران خان ڪرپٽ عنصرن تي هٿ وڌو ته هن سان سهڪار نه ڪيو ويو، اسان جي رڳو شفاف اليڪشن جي ايجنڊا آهي. شاهه محمود قريشي دعويٰ ڪئي ته گھرو وزير جا ڌمڪين وارا بيان سامهون اچي رهيا آهن، ڪيترن ماڻهن کي گرفتار ڪندئو؟ قوم فيصلو ڪيو ته جيلون کٽي پونديون.