ٽوڪيو (م ڊ) آمريڪي صدر جوبائيڊن تائيوان تي چيني حملي جي صورت ۾ ان جو بچاءُ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.  آمريڪي صدر جوبائيڊن جاپان جي دوري تي آهي، جتي هن صحافين سان ڳالهائيندي تائيوان واري معاملي تي پڻ  خيالن جو اظهار ڪيو. جاپاني وزيراعظم سان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ بائيڊن چيو ته جيڪڏهن چين تائيوان تي حملو ڪندو ته آمريڪا ان جي بچاءُ لاءِ پنهنجي فورسز جو استعمال ڪندو. آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته تائيوان جي دفاع جو اسان گڏجي عزم ڪيو آهي، آمريڪا سنگل چائنا پاليسي سان اتفاق ڪري ٿو پر ان ڳالهه جو اهو مطلب ناهي ته تائيوان کي زور زبردستي سان حاصل ڪيو وڃي، اهو ڪنهن به طريقي سان مناسب ناهي ۽ نه ئي اهڙي ڪا ڪارروائي وڃي جيڪا يوڪرين ۾ ڏسڻ ۾ آئي آهي. ٻئي پاسي تائيوان جي پرڏيهي وزارت ملڪ جي بچاءٌ واري عزم بابت آمريڪي صدر جي بيان جي آجيان ڪئي آهي.