رپڙي (ن پ ا) رپڙي بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول ۾ پئسن مان ڪٽوتي واري شڪايتن تي ڪوريج لاءِ پهتل پنهنجي اخبار جي ٽيم تي ڊوائيس هولڊر چڙي پيا، نياز ناريجو ۽ ان جي ٻن ساٿين حملو ڪري پنهنجي اخبار جي رپورٽر خواجا نياز محمد کي مڪون ھڻي گار گند ڪيو ۽ موبائل فون پڻ ڦر ڪئي، نياز ناريجو ڪار پنهنجي اخبار جي رپورٽر نياز محمد خواجا مٿان چاڙهڻ جي ڪوشش پر هو محفوظ رهيو، اھڙي معاملي کان پوءِ گمبٽ، کھڙا جا صحافي ۽ گمبٽ يونين آف جرنلسٽ جا عھديدار پڻ بھارو ٿاڻي تي گڏ ٿي ويا ۽ اين سي بھارو ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آهي