ڊگھڙي (ن پ ا) مير نياز محمد ٽائون ڊگھڙي ۾ گهر جي تعميراتي ڪم تي مزدوري ڪندڙ ڌارو ميگهواڙ کي پاڻي واري موٽر مان اوچتو ڪرنٽ لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، زخمي مزدور کي فوري طور تي تعلقي اسپتال ڊگھڙي آندو ويو جتي ڊاڪٽرن کيس طبي امداد فراهم ڪري حياتي بچائي ورتي.