رپڙي (ن پ ا) رپڙيءَ ڀرسان ڳوٺاڻن پاران برادريءَ جي بااثر ۽ حد جي پوليس خلاف احتجاج. رپورٽ موجب رپڙيءَ ڀرسان ڳوٺ ٻانھو شيخ واسي عورتن ۽ مردن سگهڙ خاتون، بشيران، شھناز، شريفان، الله بخش، غلام اڪبر، ديدار علي، وحيد، محمد عرس، دلبر علي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيو آهي ته برادريءَ جي بااثر عثمان شيخ هٿياربند ساڻ ڪري گهرن ۾ گهڙي فائرنگ ڪئي. بھارو ٿاڻي تي اطلاع ڏنو، پوليس ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪري رشوت عيوض آزاد ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف بھارو پوليس ان سلسلي ۾ ٻڌايو ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، عثمان شيخ کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. ھوڏانھن الزام هيٺ آيل عثمان شيخ جو چوڻ هو ته گهرو معاملي تان اڻبڻت ھلندڙ آهي، مخالف راڄوڻي لاءِ آماده نٿا ٿين، منهنجي گهر تي فائرنگ ڪئي وئي. معاملي جي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي.