ڪنب (ن پ ا) ڪنب ويجهو ڳوٺ پيرل شنباڻيءَ ۾ ھلندڙ لاباري دوران ٽريڪٽر جي پٽي مان اسپارڪنگ دوران ڪڻڪ جي فصل کي باھ وڪوڙي وئي، 10 جريب ڪڻڪ سڙي رک ٿي وئي. خبر  موجب ڪنب لڳ ڳوٺ پيرل شنباڻيءَ ۾ لاباري دوران ٽريڪٽر aجي پٽي مان اسپارڪنگ سبب ڪڻڪ جي فصل کي اوچتو باھ لڳي ويئي، نتيجي ۾ شاڪر ملاح جو 10 جريب ڪڻڪ جو فصل  سڙي رک ٿي ويو. جڏھن ته اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پھتو. علائقي واسين پنھنجي مدد پاڻ تحت وڏي ڪوششن بعد باھ تي ضابطو آڻي ورتو.