روٽيشن پاليسي: وڏي وزير 11 آفيسرن کي چارج ڇڏڻ کان منع ڪري ڇڏيو

0
229
روٽيشن پاليسي: 11 آفيسرن کي چارج
روٽيشن پاليسي: وڏي وزير 11 آفيسرن کي چارج ڇڏڻ کان منع ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ حڪومت ۽ وفاقي سرڪار ۾ آفيسرن جي بدلين تان شروع ٿيل تڪرار برقرار آهي. وڏي وزير روٽيشن پاليسي تحت بدلي ڪيل 11 آفيسرن کي چارج ڇڏڻ کان منع ڪري ڇڏيو

جن آفيسرن کي چارج ڇڏڻ کان منع ڪيو ويو آهي تن ۾ ثاقب اسماعيل ميمڻ، زاهد علي عباسي، حسن نقوي، ڊاڪٽر ڪاظم جتوئي، عبدالله شيخ، نعمان صديقي، جاويد اڪبر، نعيم احمد شيخ، مقصود ميمڻ ۽ عمر شاهد حامد شامل آهن

چيف سيڪريٽري وڏي وزير جي هدايتن تي حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو. حڪمنامي موجب آفيسرن کي ايندڙ حڪمن تائين چارج نه ڇڏڻ جو چيو ويو ۽ کين هدايت ڪئي وئي ته وڏي وزير جي حڪمن تي عمل ڪيو وڃي.