مبينه اغوا بعد هٿ ڪيل ٽڪ ٽاڪر ڪرن خاصخيلي پوليس بيان ۾ ڇا چيو؟

0
414
ٽڪ ٽاڪر ڪرن خاصخيلي
مبينه اغوا بعد هٿ ڪيل ٽڪ ٽاڪر ڪرن خاصخيلي پوليس بيان ۾ ڇا چيو؟

ڪراچي: سچل پوليس مبينه اغوا بعد هٿ ڪيل ٽڪ ٽاڪر ڪرن خاصخيلي جو بيان رڪارڊ ڪري ورتو. ڪرن خاصخيلي جو چوڻ هو ته آئون سکر واسي ٽڪ ٽاڪر واجد جمالي ڏانهن ويس

آئون واجد جمالي سان پيار ڪريان ٿي، ان سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿي. ڪرن خاصخيلي چيو ته مون سان گڏ جيڪو نوجوان گرفتار ٿيو، اهو اوبر ڊرائيور آهي، واجد جمالي سان هڪ عرصي کان تعلقات آهن

ڪرن خاصخيلي جي والد جو چوڻ هو ته هن جو  مڱڻو سندس سوٽ سان ٿيل آهي، ڪرن جي 6 مهينن بعد شادي رٿيل آهي. والد چيو ته ڪرن چيو موبائل وٺي ڏئي

قرآن پڙهنديس، ان لاءِ موبائيل وٺي ڏنم، ڪرن 8 درجا پڙهي، اڪيلي نياڻي آهي، منهنجو ڀروسو ٽوڙيائين. هن چيو ته واجد جمالي ڪرن کي ورغلايو آهي، هوءَ اسان جو اڃان به چوڻ نٿي ڪري

ھي بھ پڙھندا

ڪراچي مان مبينا طور اغوا ٿي ويل ٽڪ ٽاڪر هٿ

ڪراچي: ابوالحسن اصفهاني روڊ تان ٽڪ ٽاڪر ناري اغوا