اسلام آباد ايئرپورٽ تي مسافر جي بيگ مان ڪروڙين روپين جي هيروئن هٿ

0
233

ڪراچي(م ڊ) اسلام آباد ايئرپورٽ تي سيڪيورٽي فورسز اتحاد ايئر ذريعي ابوظهبي ويندڙ مسافر جي بيگ مان ڪروڙين روپين جي هيروئن هٿ ڪري ورتي، اي ايس ايف ترجمان موجب مسافر جهانزيب خان پنهنجي ٿيلهي ۾ هيروئن لڪائي رکيل هئي، جيڪا هٿ ڪئي وئي آهي

اي ايس ايف جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي تلاشي جي بيگ ۾ لڪايل 3.5 ڪلو هيروئن هٿ ڪئي وئي، جنهن بعد جوابدار کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ اينٽي نارڪوٽڪس فورس حوالي ڪيو ويو

اي ايس ايف ترجمان موجب جوابدار وٽان هٿ آيل هيروئن جي ماليت 3.5 ڪروڙ پاڪستاني رپيا آهن