ماسڪو (م ڊ) روس جو پاڙيسري ملڪ فن لينڊ نيٽو ۾ باضابطا طور شامل ٿي ويو آهي، روسي پرڏيهي وزارت طرفان سخت مذمت ڪندي. فن لينڊ جي شموليت سان نيٽو اتحادين جو تعداد 31 ٿي ويو آهي، جڏهن ته اتر اوڀر ۾ روس سان ملندڙ 1,300 ڪلوميٽر کان وڌيڪ علائقو مغربي فوجي اتحاد جي دائري ۾ اچي ويو آهي. فن لينڊ جي نيٽو ۾ باضابطه الحاق کانپوءِ، فن لينڊ جي پرچم کي بلند ڪرڻ واري تقريب نيٽو هيڊ ڪوارٽر جي ٻاهران منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير انتوني بلنڪن سميت ٻين ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي.