رميز انقلاب آڻيندو: اعظم تي ڀلي تنقيد ڪريو: معين خان

0
243

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان معين خان چيو آهي ته رميز راجا جي قول ۽ فعل ۾ ڪو تضاد نظر نه ايندو آهي، رميز راجا پنهنجي پاليسين ۾ واضح هوندو  آهي، هاڻ ڪرڪيٽ بورڊ جي معاملن ڪافي فرق نظر ايندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي معين خان چيو ته اعظم تي تنقيد ٿيندي آهي ته مونکي تمام گهڻو مزو ايندو آهي، اها ئي تنقيد اعظم خان کي وڏو رانديگر بڻائڻ ۾ مدد ڪندي، تنقيد رانديگر لاءِ سٺي هوندي آهي.

معين خان چيو ته اعظم باصلاحيت نوجوان آهي، کيس نظر انداز نٿو ڪري سگهجي، مون ڪابه سفارش ناهي ڪئي.