جاڙو هجڻ جو نقصان: مهمان منال بدران ايمن کي ڪنوار سمجهي ويٺا

0
364

ڪراچي(شوبز ينوز)پاڪستاني شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل ناليواري ڀينرن اداڪارا منال ۽ ايمن جو شمار بهترين ۽ خوبصورت اداڪارائن ۾ٿيندو آهي. اداڪارا منال خان جي وليمي واري تقريب جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي

جنهن ۾ ايمن هڪ عورت کي ڪجهه سمجهائيندي نظر اچي رهي آهي ٿيو هيئن ته ايمن خان اسٽيج تي ڪجهه عورتن سان ڪچهري ڪري رهي هئي ته اتي ڳاڙهو جوڙو پهريل هڪ عورت اچي وئي ۽ عورت سمجهيو ته اسٽيج تي ڪنوار مطلب ته منال خان ويٺل آهي. تنهن هوندي ايمن عورت جي غلط فهمي ختم ڪندي ٻڌايو ته مان ڪنوار ناهيان،

مان ڪنوار جي ڀيڻ آهيان، اداڪارا هٿ جي اشاري سان عورت کي ٻڌايو ته ڪنوار هن طرف ويٺل آهي.

اها وڊيو سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن جي ڪيپشن ۾لکيل آهي ته ”جڏهن توهان جاڙا هوندئو ته ائين ئي ٿيندو آهي.