رتوديرو (ن پ ا ) رتوديرو لڳ لاشاري ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڌوڻ لاشاري ۾ جھيڙو ٿي پيو، ڌڪ لڳڻ سبب ٻه ڄڻا پرائمري استاد اعظم لاشاري ۽ خالد حسين جويو زخمي ٿي پيا. خالد جويو ۽ اعظم لاشاري صحافين آڏو دانهيندي  ٻڌايو ته سال اڳ ڪنول جويو جي شادي انيل اسراڻ سان ڪرائي، انيل اسراڻ پنهنجي زال سان جھيڙو ڪندو  هو، تنگ ٿي ڪنول جويو ڪورٽ ذريعي طلاق ورتي. بعد هنن پرائمري استاد اعظم لاشاري مٿان ڪارنهن جو ڪوڙو بهتان مڙهيو.29 تاريخ تي فيصلو به رکيل آهي.انيل اسراڻ، منير، نويد، جاويد، سڌير هڪڙو ۽ محسن اسراڻ حملو ڪري اسان کي ڌڪ هڻي زخمي ڪيو آهي، معاملي جي جاچ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي.