لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ مزدورن لاءِ حڪومت پاران ٺهرايل فليٽ نه ملڻ خلاف حاجن شيخ، احسان جاگيراڻي، علي شير بروهي، علي گوهر ڪورائي احتجاج ڪندي چيوته شهيد راڻي پورهيتن لاءِ جيل روڊ تي ليبر ڪالوني  لڳ فليٽ ٺاهڻ جو سنگ بنياد رکيو، 96 فليٽ ٺهي تيار ٿي چڪا آهن. هنن الزام لڳايو ته سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر فليٽ پئسن عيوض من پسند ماڻهن حوالي ڪيا آهن، جيڪو اسان غريب پورهيتن جي حقن تي ڌاڙو آهي. هنن چيو ته حڪومت طرفان مقرر ڪيل في فليٽ جي رقم ساڍا ٽي لک ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، پر ڊپٽي ڊائريڪٽر وڌيڪ اڍائي لک روپيا رشوت طلب ڪري رهيو آهي، نوٽيس وٺي ڊپٽي ڊائريڪٽر زاهد هڪڙو کي عهدي تان هٽائي اسان کي رهڻ لاءِ فليٽ جاري ڪري انصاف ڪيو وڃي.