راضيديرو (ن پ ا) راضيديرو ۾ بدامني جو آزار، نامعلوم چور شاهنواز ڀٽيءَ جي اٽي چڪي تان يو پي ايس، اسٽيبلائيزر، سولر، اٽو ۽ اناج چوري ڪري فرار ٿي ويا. صبح جو سجاڳ ٿيڻ تي پيراڍن ۽ کوجي ڪتن جي مدد سان پيرا کڻي شهزادو ڪوريءَ جي گهر ۾ هنيا ويا. پوليس شڪ جي بنياد تي گهر ڌڻيءَ کي تحويل ۾ وٺي  پاڻ سان کڻي وئي. متاثرن شاهنواز ڀٽي، مختيار علي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته بدامنيءَ سبب ڪاروبار به نٿا ڪري سگهون. چوريون روز جو معمول بڻيل آهن. هنن ايس ايس پي خيرپور کان پرزور مطالبو ڪيو ته چوري واپس ڪرائي، چورن خلاف سخت ڪارروائي ۽ شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.