ٽنڊوآم (ن پ ا) ٽنڊي آدم جي ڪاٽن فيڪٽري مالڪن جي ڊي سي سانگهڙ سان ملاقات بدامني سميت اهم مسئلن تي ڳالهيون ڊي سي سانگهڙ پاران فيڪٽري مالڪن کي هٿيارن جا لائسنس ڏيڻ سميت مسئلن جي حل جي خاطري، رپورٽ موجب آل پاڪستان ڪاٽن اينڊ جنرس ايسوسيئيشن جي اڳواڻ هريش ڪمار  ويڌاڻي جي اڳواڻي ۾ فيڪٽري مالڪن جي وفد ڊي سي سانگهڙ سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري مسئلا پيش ڪيا، فيڪٽري مالڪن کيس ٻڌايو ته ڏوهاري فيڪٽرين اندر داخل ٿي ڦرلٽ جي ڪوشش ڪن ٿا، جنهن جي ڪري هٿيارن جا لائسنس جاري ڪرڻ سميت تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ان موقعي تي ڊي سي سانگهڙ  فيڪٽري مالڪن کي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو ته هر مهيني ۾ فيڪٽري مالڪن کي 3 کان 4 هٿيارن جا لائسنس ڏنا ويندا،