رائونتي (ن پ ا) رائونتي واسي پورھيت جي اغوا جا اطلاع، ڪرائي تي   موٽرسائيڪل ھلائي گذر سفر ڪندڙ پورھيت عارف عرف ٻوڙو مھر جي اغوا ٿيڻ جا اطلاع مليا آھن. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب رائونتيءَ جي  ڳوٺ لال ڀيو واسي پورھيت ڪچي طرف ويو ته مبينا طور ڏوھارين کيس اغوا ڪري ورتو. ان حوالي سان پورھيت جي پٽ پرويز مھر جو چوڻ آھي ته سندس والد ڪرائي تي موٽر سائيڪل هلائيندو هو، گذريل ڏينهن سواري سان ڪچي طرف ويل هو،  ان کان پوءِ سندس نمبر بند اچي رهيو آھي. اغوا يا ڀنگ لاءِ فون ناھي آئي، نمبر مسلسل بند اچي رهيو آهي، ان ڪري پريشان آهيون. ايس ايس پي گھوٽڪي جو چوڻ آھي پورھيت جي اغوا بابت کين ڪو به اطلاع ناھي مليو. علائقي ۾ چوٻول آھن ته پورھيت ڪچي طرف ويل ھو جنھن کي ڏوھارين باندي بڻائي ورتو آهي، جڏھن ته آخر تائين پورهيت جي اغوا جي تصديق نه ٿي سگهي هئي.