حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو)  سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ قائم واحد تفريح ماڳ راڻي باغ جي چڙيا گهر جا جانور ۽ پکي سار سنڀال نه لهڻ سبب سخت گرمي ۾ بيحال بڻيل  آهن. پڃرن ۾ قيد بي زبان جانورن کي گرمي کان بچائڻ لاءِ انتظاميا پاران ڪو انتظام ناهي ڪيو ويو جڏهن ته جانور توڙي پکين کي وقت سر کاڌ خوراڪ به فراهم نه پئي ڪئي وڃي. ”پنهنجي اخبار“ پاران ڪيل سروي دوران ڄاڻ ملي ته عيدالفطر کانپوءِ انتظاميا چڙيا گهر جي جانورن ۽ پکين کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آهي ڇاڪاڻ ته سخت گرمي ۾ عوام راڻي باغ ۾ تفريح لاءِ نٿو اچي جنهن ڪري انتظاميا جي دلچسپي به گهٽجي وئي آهي. چڙيا گهر ۾ هن وقت هرڻ، گهوڙا، ڀولڙا، لومڙيون، ناياب نسل جون ٻڪريون ۽ ٻيا جانور موجود آهن جڏهن ته پکين ۾ مور، بدڪ، طوطا، ڪڪڙ به ڪافي تعداد ۾ پڃرن ۾ نظر آيا. جانورن ۽ پکين لاءِ قائم پڃرن جي ڇت کليل هئڻ سبب گرمي پکين ۽ جانورن کي بيحال بڻائي ڇڏيو آهي جڏهن ته چڙيا گهر جي جانورن جي سار سنڀال لاءِ مقرر ملازم به ڏينهن جو گرمي سبب چڙيا گهر نٿا پهچن جنهن ڪري جانور توڙي پکين کي رڳو شام جي وقت ئي نالي ماتر کاڌ خوراڪ فراهم ٿئي ٿي. چڙيا گهر ۾ 2 ماگر مڇ به موجود آهن جيڪي پڻ سخت گرمي ۾ بيحال هئڻ سبب خبر نٿي پئي ته هو زندهه آهن يا مئل حالت ۾ پيل آهن. بدڪن واري پڃري ۾ ڇڏيل پاڻي ۾ ايتري بدبوءَ آهي جو اتي تفريح لاءِ ايندڙ ماڻهو پڃري جي ڀر ۾ بيهي به نٿا سگهن. تفريح لاءِ ايندڙ ماڻهن ”پنهنجي اخبار“ کي ٻڌايو ته انتظاميا راڻي باغ کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي. ٺيڪيدار رڳو ٽڪيٽون وٺن ٿا پر اهي جانور توڙي پکين جي بهتر نموني سار سنڀال نٿا لهن جنهن ڪري جانور توڙي پکي بکن ۾ پاهه ٿي ويا آهن. رابطو ڪرڻ تي قاسم آباد جي سي ايم او حاتم ملاح دعويٰ ڪئي ته چڙيا گهر ۾ موجود جانورن ۽ پکين کي وقت سر کاڌ خوراڪ فراهم ڪئي پئي وڃي. سندن سار سنڀال لاءِ ملازم رکيل آهن جڏهن ته بيمارين ۾ مبتلا جانور توڙي پکين جي علاج لاءِ لائيو اسٽاڪ کاتي جو ڊاڪٽر به موجود آهي. هنن چيو ته سخت گرمي سبب انسان بيحال بڻجي ويا آهن ۽ ساڳئي گرمي جو اثر جانورن ۽ پکين تي به ٿئي ٿو. جانور ۽ پکين کي هيٽ اسٽروڪ کان بچائڻ لاءِ اپاءُ نه وٺڻ واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهڙي اڃا نوبت ناهي آئي ڇاڪاڻ ته هن پاڻ چڙيا گهر وڃي جانور ڏٺا آهن ۽ معلومات به ورتي آهي ته هيلوڪي گرمي ۾ اڃا تائين ڪو به جانور ۽ پکي متاثي ناهي ٿيو.