سکر (بيورو رپورٽ) سپلا سکر ضلعي جي صدر مٿان موٽر سائيڪل سوارن جو  حملو، ھٿياربند پستول جا بٽ ھڻي پروفيسر کي رتورت ڪري فرار ٿي ويا. سنڌ پروفيسرز اينڊ ليڪچررز ايسوسيئيشن سکر ضلعي جي صدر پروفيسر بدرالدين قريشي کي ڪاليج ايندي موٽر سائيڪل سوار ٽن ھٿياربندن حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو. واقعي بعد کيس سول اسپتال مان فرسٽ ايڊ ڏئي گھر اماڻيو ويو. رابطو ڪرڻ تي پروفيسر بدرالدين قريشيءَ ٻڌايو ته کيس سڃاڻپ ڪرڻ بعد تشدد جو نشانو بنايو ويو. پوليس ذريعن موجب سي سي ٽي وي فٽيج ھٿ ڪيا ويا آهن، جنھن ۾ ٻن حملي آورن کي ماسڪ پھريل آھي، جڏھن ته ھڪ جو منھن کليل آھي، جن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاريءَ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.