لنڊن(م ڊ) برطانيا جي راڻي ايلزبيٿ سيڪنڊ بيمار ٿيڻ بعد لاڏاڻو ڪري وئي آهي، کيس اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ رکيو ويو هو ۽ سمورو شاهي خاندان اسپتال پهتو. مليل اطلاعن موجب راڻي ايلزبيٿ جي صحت ڪالهه صبح جو تمام خراب ٿي وئي جنهن بابت بڪنگهم پيلس به تصديق ڪئي ۽ چيو ته ڊاڪٽرن راڻي جي صحت بابت سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ هوءَ ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ آهي. راڻي جو پٽ ولي عهد شهزادو چارلس، پوٽا وليم ۽ ٻيا شاهي خاندان جا فرد بلمورل پهتا جتي هو اسپتال ۾ موجود رهيا. شاهي خاندان کان بغاوت ڪندڙ شهزادو هيري ۽ سندس گهرواري ميگهن به بلمورل پهچي رهيا آهن. ٻئي طرف راڻي جي بيماري بعد برطانيا جي نئين بادشاهه جي باري ۾ به ڳالهيون شروع ٿي ويون، هاڻ بادشاهه جو تاج شهزادي چارلس کي پارايو ويندو. جڏهن ته سندس گهرواري ڪاميلا پارڪر راڻي بڻجندي. راڻي جي وفات بعد چارلس پاڻ مرادو بادشاهه بڻجي ويو آهي. سڄي برطانيا ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي آهي ۽ ماڻهو لنڊن بڪنگهم پيليس پهچي رهيا آهن. برطانيا جي حڪومت ملڪ ۾ 10 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. ملڪ جو جهنڊو جهڪايو ويو آهي. برطانوي ميڊيا موجب راڻي جي تدفيق لنڊن برج آپريشن جي منصوبي تحت ٿيندي، تابوت کي شاهي ٽرين تي سينٽ پينڪراس ريلوي اسٽيشن لنڊن منتقل ڪيو ويندو ۽ پوءِ ريلوي اسٽيشن کان تابوت بڪنگهم پيلس آندو ويندو. رپورٽن موجب راڻي جون آخري رسمون 10 ڏينهن کانپوءِ ويسٽ منسٽرابي تي ادا ڪيون وينديون ۽ آخري رسمن وقت ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي ۽ پوءِ راڻي کي ڪنگ جارج ميموريل چيپل ونڊزر ۾ دفنايو ويندو. برطانوي ميڊيا موجب راڻي جي آخري رسمن جي ڏينهن قومي موڪل هوندي، راڻي کي دفنائڻ واري ڏينهن لنڊن اسٽاڪ، بئنڪ ۽ سمورا اهم ادارا بند رهندا. هوڏانهن آمريڪا جي صدر جو بائيڊن، سندس گهرواري جل بائيڊن، نائب صدر ڪاميلا هيرس ۽ دنيا جي ٻين حڪمرانن راڻي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. راڻي جي عمر 96 سال هئي جنهن مان 76 سال هن ملڪ تي راڄ ڪيو. برطانوي راڻي جي دور ۾ 15 وزيراعظم تبديل ٿيا، جن ۾ پهرين وزيراعظم ونسٽن چرچرل کان تازو حڪومت ٺاهيندڙ لز ٽرس شامل آهن، برطانيا جي نئين وزيراعظم لز ٽرس بورس جانسن کانپوءِ 3 ڏينهن اڳ حڪومت ٺاهي هئي، لز ٽرس حڪومت ٺاهڻ لاءِ برطانوي راڻي سان ملاقات به ڪئي هئي.