دادو (ن پ ا) دادو_ مورو پل وٽ عبدالغفور ملاح درياءَ جي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، وارثن عبدالغفور کي ڪڍي اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽر سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، وارثن موجب عبدالغفور درياءَ مان رڇ ڪڍڻ دوران ڦاسي ٻڏي ويو آهي.