سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ نوجوان واجد شاهه گوليون لڳڻ سبب موقعي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته فائرنگ بعد موٽر سائيڪل سوار هٿياربند آساني سان فرار ٿي ويا، مقتول جو لاش پوليس تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.