اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي، معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ مذهبي جماعت جي احتجاج سبب پيدا ٿيل صورتحال تي پڻ غور ڪيو ويو. ان موقعي تي وزير اعظم عمران خان چيو ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ويندي. اجلاس ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ سموري 27 نقاطي ايجنڊا جي منظوري ڏني وئي.