دادو: نوشين جي وارثن واقعي جي اڻڌري ۽ گهڻ رُخي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

0
149

دادو(ن پ ا) چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي نوشين بُخاري جو مڙهه دادو ۾ جنازي نماز بعد اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويندو، نوشين جي وارثن واقعي جي اڻڌري ۽ گهڻ رُخي جاچ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سي ايم سي موت شاگردن لاءِ موت گهر بڻجي ويو آهي، ڪاليج جي هاسٽل مان پهرين به شاگردن جا لاش ملندا رهيا، اسان پنهنجا ٻچا مرڻ لاءِ نه، پر پڙهڻ لاءِ موڪليندا آهيون، نوشين پريشان نه هئي ته آپگهات ڇو ڪندي؟  واقعي جي اڻڌري ۽ گهڻ رُخي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي