ڊيلرز جا ناجائز مطالبا مڃڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: حماد اظھر

0
348

ڪراچي (م ڊ) توانائي واري وزير حماد اظهر چيو آهي ته پمپ مالڪن جا ناجائز مطالبا قبول نه ڪيا ويندا، هڪ بيان ۾ توانائي واري وزير حماد اظهر چيو ته پيٽرول پمپن تي هڙتال جي آڙ ۾ ڪجهه گروپس 9 رپيا اضافو چاهين ٿا، چند ڪمپنين کي نوازڻ لاءِ 9 رپيا اضافو نه ڪيو ويندو، جائز مطالبا مڃينداسين، ناجائز مطالبا تسليم نه ڪنداسين، ان ڪري عوام کي پريشان ڪرڻ درست ناهي

توانائي واري وزير چيو ته مارجن ۾ واڌ جي سمري اڳ ئي اي سي سي ۾ جمع ڪرائي وئي آهي، ايندڙ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويندو پر جائز مطالبا مڃيا ويندا

هن چيو ته پيٽرول پمپ مالڪن جي مشڪلاتن کان واقف آهيون پر پمپ مالڪن کي گهرجي ته هو عوام جي مشڪلاتن کي محسوس ڪن ۽ فيصلي تي نظرثاني ڪن

واضح رهي ته پيٽروليم ڊيلرز ايسوسي ايشن پاران مارجن وڌائڻ جي مطالبي تي اڄ سڄي ملڪ ۾ هڙتال ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي، لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي، فيصل آباد ۽ ٻين شهرن ۾ پمپ بند آهن، جنهن سبب عوام سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي

ھي به پڙھندا

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پيٽرول پمپس بند، عوام سخت پريشان