ڪراچي( رپورٽ: اياز بروهي ۽ حبيب جمالي ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ملٽري لينڊ تي ڪمرشل سرگرمين تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊائريڪٽري ملٽري لينڊ کان پڇيو آهي ته توهان ڊي ايڇ اي فيز ون ۾ ڇا ٺاهي رهيا آهيو؟ ڪا بلڊنگ ٺهي رهي آهي؟ توهان جو طريقيڪار اهو ئي هوندو آهي ته پهريائين هڪ ڊگهي ڀت ٺاهي ڇڏيو، پوءِ اندر ڇا ٿي رهيو آهي، ڪجهه پتو ناهي پوندو، عدالت پڇيو ته فيصل ڪينٽونمينٽ بورڊ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڪمرشل پلازا ٺاهي ڇڏيو، شادي هالز ٺاهي ڇڏيا، سي او ڊي ۾ شادي هالز ۽ سينيمائون به هلي رهيون آهن، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته دفاعي ادارن جو اهو ڪم ناهي، توهان منافعو ڏيندڙ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڪاروباري سرگرميون ۽ سينيمائون هلائڻ اوهان جو ڪم ناهي ، چيف جسٽس چيو ته نيوي وارا به اهو ئي ڪري رهيا آهن، گذري ۾ هائوسنگ سوسائٽي ٺاهي ڇڏي اٿن، اسٽريٽجڪ زمينن تي ڪمرشل سرگرميون ڪري رهيا آهن، ملير ڪينٽومينٽ بورڊ ۾ به ونڊ ( ورڇ ) ڪري ڇڏي اٿئو ، باقي به ونڊ ڪري ڇڏيندئو؟ چيف جسٽس پڇيو ته اسان جيڪب لائين ۾ ميڪرو ( سپر اسٽور) بند ڪرايو هو. ڇا اها زمين واپس ٿي؟ جنهن تي شهري نمائندي چيو ته ملينيم مال جي سامهون ڪمرشل ڀت ٺاهي وئي آهي، نيوپليڪس سان گڏ هڪ ٻي ڀت آهي، جتي ڪمرشل سرگرميون ٿي رهيون آهن، جنهن تي جسٽس اعجاز الحسن ڊائريڪٽر ملٽري لينڊ سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڊائريڪٽر صاحب ! توهان نوٽ ڪريو، سڀاڻي (اڄ) رپورٽ کڻي اچو، چيف جسٽس چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل صاحب؟ هي ته مڪمل ڪوليپس آهي، ڪينٽونمينٽ لينڊ جو معاملو ته تمام خراب ٿي ويو آهي، جنهن بعد عدالت ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.