ڪراچي: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد نسله ٽاور کي نه ڊاهڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪراچي جي ڪمشنر اقبال ميمڻ کي حڪم ڏيندي چيو آهي ته توهان ڪوششن کي ڇڏيو، هينئر ئي شهر جي سموري مشنري کڻي وڃي نسله ٽاور کي ڊاهڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو، عدالت ڪمشنر کي اڄ ئي نسله ٽاور ۽ ٽجوڙي هائٽس کي ڊاهڻ جو حڪم ڏيندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ڪالهه ڪراچي رجسٽري ۾ڪراچي ۾ حددخلين بابت ڪيسن جي ٻڌڻي دوران ڪراچي جي ڪمشنر رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، جنهن تي چيف جسٽس ڪراچي جي ڪمشنر کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪمشنر صاحب! ڇا ٿيو؟ اوهان جيڪو ڪم چيو هو، اهو ٿيو يا نه؟ جنهن تي ڪمشنر چيو ته اسان کي اوهان جي رهنمائي گهربل آهي، جنهن تي چيف جسٽس کيس ڇنڊ پٽيندي چيو ته سڌي ڳالهه ڪريو ته بلڊنگ ڊاٺي آهي يا نه؟ ڇا اوهان جو هتان کان سڌو جيل وڃڻ جو ارادو آهي؟ جنهن تي ڪمشنر چيو ته منهنجي ڳالهه ٻڌو، آئون ڪجهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو ، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان خلاف مس ڪنڊڪٽ جي ڪارروائي ٿيندي. ان موقعي تي جسٽس قاضي محمد امين چيو ته اوهان کي پتو آهي ته اوهان ڪٿي بيٺل آهيو؟ چيف جسٽس ڪمشنر کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان مسلسل توهين عدالت ڪري رهيا آهيو، چيف جسٽس چيو ته هي ڪهڙي گريڊ جو آفيسر آهي؟ جنهن تي سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته ڪمشنر 21 گريڊ جو آفيسر آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڇا 21 گريڊ جي آفيسر جو ڪورٽ ۾ بيهي ڳالهائڻ جو اهو طريقو هوندو آهي، هي ڪمشنر سڏرائڻ جي لائق آهي؟ چيف جسٽس چيو ته هينئر ئي وڃو، سموري مشنري کڻي وڃي نسله ٽاور کي ڊاهڻ شروع ڪري ڇڏيو، عدالت ٽجوڙي هائيٽس به اڄ ئي ڊاهي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.، چيف جسٽس چيو ته ٽجوڙي هائٽس کي به اڃا تائين ڊاٺو ناهي ويو؟ جنهن تي ڪمشنر چيو ته ٽجوڙي هائٽس کي ڊاهڻ وارو ڪم جاري آهي، جنهن تي عدالت چيو ته جيڪڏهن ٽجوڙي هائٽس کي ڊاهڻ وارو آپريشن هلي رهيو آهي ته ان جون تصويرون ڪڍي اڄ ئي پيش ڪيون وڃن.